
اسرائيل ۽ حماس ۾ قيدين جي آزادي ۽ 4 اسرائيلي مغوين جا لاش حوالي ڪرڻ تي اتفاق
غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) جنگبندي معاهدي ۾ رنڊڪ ختم، اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ 600 کان وڌيڪ قيدين جي آزادي ۽ 4 اسرائيلي مغوين جا لاش حوالي ڪرڻ تي اتفاق. پرڏيهي ميڊيا موجب فسلطيني قيدي اڄ آزاد ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن بعد حماس 4 اسرائيلي مغوين جا لاش مصر ذريعي اسرائيل حوالي ڪندي.