ڪراچي ايئرپورٽ تان مختلف ملڪن ڏانهن ويندڙ 30 مسافر آف لوڊ ڪيا ويا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تان مختلف ملڪن ڏانهن ويندڙ 30 مسافر آف لوڊ ڪيا ويا، ايڊوانس هوٽل بڪنگ، خرچن جي رقم نه هجڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري مسافرن کي آف لوڊ ڪيو ويو، آف لوڊ ٿيندڙ مسافر چين، سعودي عرب، ملائيشيا، يوگنڊا، عمان، تنزانيا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن وڃي رهيا هئا.