ويسٽ انڊيز جي ٽيم 19 سالن کان پوءِ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ پاڪستان پهچي وئي
اسلام آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي ٽيم 19 سالن کان پوءِ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ پاڪستان پهچي وئي، ويسٽ انڊيز ٽيم دبئي کان اسلام آباد پهتي، پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز کيڏي ويندي، پهرين ٽيسٽ 17 ۽ ٻي ٽيسٽ 25 جنوري تي شروع ٿيندي.