
صدر آصف علي زرداري چيني صدر جي دعوت تي اڄ چين جي سرڪاري دوري تي روانون ٿيندو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي اڄ کان 8 فيبروري تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو، چيني قيادت سان ملاقات ۾ دهشتگردي جي روڪٿام، سيڪيورٽي سهڪار، سِي پيڪ سميت علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.