پڊعيدن ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ڇريون هڻي قتل، عورت زخمي
نوشهروفيروز (ويب ڊيسڪ) پڊعيدن ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته عورت زخمي ٿي پئي، ڳوٺ يوسف ڀنڀرو ۾ انيس ڀنڀرو کي قتل ڪيو ويو، عزت خاتون زخمي ٿي پئي، زخمي عورت ۽ نوجوان جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.