
رھڙڪي: قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، پورھيت فوت
پوليس پاران نوجوان جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو رھڙڪي (ويب ڊيسڪ) رھڙڪي ويجھو قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ پورھيت عبدالرشيد ڪورائي فوت ٿي ويو. ٽرالر کي پوليس تحولي ۾ وٺي ڇڏيو، فوتي نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.