جوهي ڀرسان ٽريڪٽر جي پٽي ۾ رومال ڦاسڻ سبب نوجوان فوت
جوهي (ويب ڊيسڪ) جوهي ڀرسان ٽريڪٽر جي پٽي ۾ رومال ڦاسڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، ڳوٺ فيض محمد لنڊ جي رهواسي محمد خان جو رومال ٽريڪٽر جي پٽي ۾ ڦاسي پيو، نوجوان کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، گهرڀاتين ۾ روڄ راڙو.