199

مخالفن مٿان الزامن سان مسئلا حل ٿي ويندا..؟

ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو

دنيا جي هر حڪومت جون ترجيحات عوامي ۽ ملڪي ڀلائيءَ جا منصوبا هوندا آهن، اهڙي طرح حڪومتون مخالف ڌر جي تنقيد جو جواب عوامي خدمت جي منصوبن سان ڏينديون آهن، مخالف ڌر جي تنقيد براءِ اصلاح جو جواب حڪومتي ڌر وٽ مثبت موٽ ۾عوامي ترقياتي منصوبن جي شڪل ۾هوندو آهي، حڪومتي ڌر جو اهو نامناسب جواب هوندو آهي ته مخالف ڌر پنهنجي دؤر حڪومت ۾خراب ڪم ڪيا آهن ته اسان به ڪنداسين جنهن ڪري مخالف ڌر کي تنقيد ڪرڻ جو ڪو به اختيار يا حق ناهي، حڪومتي ڌر ان ڳالهه جو جواب ڏئي ته عوام خراب ڪارڪردگيءَ جي ڪري مخالف ڌر کي رد ڪري حڪومتي ڌر کي اقتدار ۾آندو آهي ته انهن کي ساڳيون خراب ڳالهيون نه دهرائڻ گهرجن ۽ حڪومتي ڪارڪردگي مخالف ڌر کان بهتر پيش ڪرڻ گهرجي، باقي جيڪڏهن جيڪو سلوڪ عوام ۽ ملڪ سان مخالف ڌر ڪيو اهو ئي حڪومتي ڌر به ڪري ته پوءِ ملڪ ۽ قوم کي ته ڪو فرق نه پيو، جيڪڏهن ڍڳو پير پيران ته پوءِ اڳيان ئي ٺيڪ هئا، انهن اليڪشني خرچن ۽ ڄنڊا پٽ جو ڪهڙو فائدو ٿيو؟ موجوده حڪومت جو هر سوال تي اهو جواب ته هر موجوده خرابيءَ جون ذميوار اڳيون حڪومتون آهن هڪ وڏو چرچو آهي، جڏهن اوهان آيا ئي اها دعويٰ کڻي هئا ته اڳين جون غلطيون ٺيڪ ڪري حالتون بهتر بڻائينداسين ته اڍائي سالن کانپوءِ به بهاني بازيءَ تي هي گذارو آخر ڪيسيتائين هلندو؟ موجوده صورتحال جيڪڏهن ائين رهي ته باقي اڍائي سالن ۾ هيءَ حڪومت عوام۽ ملڪ سان الائي ڪهڙا ڪلور ڪندي؟ اڳوڻين حڪومتن تي بدعنوانيءَ جا الزام هڻي کين بنا ڪيسن جي جيلن ۾ واڙڻ واري روش کي جائز سڏڻ وارا اهو ٻڌائڻ جي زحمت گوارا ڪندا ته اوهان به اڳوڻين حڪومتن جا ميمبر ۽ وزير اڌارا وٺي چونڊون وڙهي حڪومت ٺاهي آهي، چند وزيرن کانسواءِ سمورا وزير، صلاحڪار ۽ خصوصي معاونين اڳوڻين حڪومتن کان ورتل آهن ته پوءِ انهن ساڳين فرشتن مان ڪهڙي چڱائيءَ جي اميد رکجي جن کي اوهان بدعنوان سڏيو، اهي ئي اڄ اوهان جي حڪومت جو عنوان آهن، ڇو ته اهي هاڻي اوهان جي حصي ۾ آيا آهن، جيڪي دعوائون ڪري حڪومتي ڌر اقتدار ۾آئي، اڄ هو انهن کان پويان پير ڪيون پئي وڃي، خان جا سڀ واعدا وچن آءِ ايم ايف ۽ اي ٽي ايمز جي ور چڙهي ويا، جن عوام خلاف باهه ٻاري ڏني آهي، هاري ۽ مزدور جي ڳالهه ته حڪومت کان وسري وئي آهي، هن دؤر ۾ خاص ڪري هاري ۽ مزدور جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي، تعليم۽ صحت جو شعبو ته اڳي ئي لاتعلقيءَ جو شڪار آهي، نَسُوهي جي پٽ وانگر پيءُ جي پارت پوري ڪرڻ لاءِ خان صاحب جي حڪومت عوام کان گذريل 22 سالن جي محروميءَ جي ڪسر ڪڍي رهي آهي، هن حڪومت جي دؤر ۾ عوام هڪ ڏينهن به سک جو نه سنڀري، آئي ڏينهن مهانگائيءَ جا بم خود حڪومت پاران عوام تي ڪيرايا پيا وڃن، هاڻي ته مهانگائي روزانو اسٽاڪ ايڪسچينج جي انگن وانگر وڌي رهي آهي، پگهاردار طبقو ايڏي مهانگائيءَ ۾ به ساڳي پگهار تي ڪم ڪري رهيو آهي، نين نوڪرين تي پابندي هڻي پينشن ختم ڪرڻ جا دڙڪا الڳ ڏنا پيا وڃن، ان ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جو فائدو سڌو سنئون سرمائيدارن کي ٿي رهيو آهي، جن جي نمائندگي خان ڪري رهيو آهي، عوام جي دانهن ڪوڪن تي حڪومتي خاموشيءَ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته هيءَ حڪومت غريب عوام بدران سرمائيدار طبقي جي نمائندگي ڪري رهي آهي، زندگي جي ضرورت جي هر شيءِ عوام جي پهچ کان پري ٿيندي پئي وڃي، هاڻي ته نوبت اتي پهتي آهي جو حڪومتي ترجمان ۽ وزير پريس ڪانفرنسن تان هڪٻئي سان وڙهي رهيا آهن، جنهن جو مثال 27 جنوريءَ تي اطلاعات جي وزير پاران وزيراعظم جي خاص نمائندي شهباز گل کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان اهو چئي روڪي ڇڏڻ آهي ته اهو حق منهنجو آهي، پاناما، براڊ شيٽ ۽ ٻين مسئلن متعلق اندازن وارا الزام هڻي مخالف ڌر کي بدنام ڪيو پيو وڃي ۽ پوءِ اها خبر ٿي پوي ته اها خبر ڪوڙي ۽ اندازي واري هئي، جهڙي طرح نواز شريف جا هڪ ارب جا اندازي وارا اثاثا ٻڌايا ويا، جنهن کي پوءِ ٻڌائڻ وارن ئي ڪوڙو سڏيو، مخالف ڌر جو ڪوبه اهڙو نالي وارو اڳواڻ ناهي بچيو، جنهن حڪومت خلاف ڳالهايو هجي ۽ ان کي نيب يا ايف آءِ اي گهرائي ڪيس داخل نه ڪيو هجي ۽ سندس خلاف ميڊيا مهم نه هلائي وئي هجي، مخالف ڌر جا ناليوارا اڳواڻ يا ته جيلن ۾آهن يا عدالتن پاران ضمانتن تي آهن. حڪومت کي ڪنهن دوستن جهڙي دشمن ٻڌايو آهي ته عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران مخالف ڌر کي دٻائي چپ ڪرائڻ سان ئي حڪومت آسانيءَ سان هلائي سگهجي ٿي، جيڪا سوچ غلط آهي، ڇو ته حڪومت چند سؤ اڳواڻن کي ته جيلن ۾ واڙي چپ ڪرائي سگهي ٿي پر جڏهن 22 ڪروڙ خلق خدا تنگ ٿي جاڳي اٿي ۽ حق طلبي ڪئي ته حڪومتي ٿاڻا ۽ جيل پورا نه پوندا، ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته اڃان به وقت آهي ته پنهنجي رهيل مدي ۾ مخالف ڌر جي پويان پوڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڌري ته ان ۾ ئي سندس عافيت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو