219

مخالف هر معاملي ۾ شفافيت کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن: چوڌري سرور

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته عوام اسان کي 5 سالن جي حڪومت ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو آهي پر سياسي مخالف ڪنهن به معاملي ۾ شفافيت کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، وزيراعظم عمران خان ڪڏهن به خوفزده ناهي ٿيو پر حالتن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي، ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ ملڪي ترقي ۽ خوشحاليءَ جا دشمن آهن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ڪامياب معاشي پاليسين سان پاڪستان کي معاشي طور تي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، واپاري برادريءَ جي مسئلن جي حل لاءِ موجوده حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ ٽيڪس جي نظام ۾ به حڪومت شفافيت آڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن گورنر هائوس ۾ واپاري برادريءَ جي مختلف وفدن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. گورنر چيو ته ڏُکين ترين حالتن ۾ به وزيراعظم عمران خان هميشه حالتن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي ۽ مخالفن کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جو مشن صرف ۽ صرف ملڪي ترقي ۽ استحڪام آهي جنهن لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن ۽ سڄي دنيا به پاڪستان جي معاشي ترقيءَ جو اعتراف ڪري رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو