اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ۾ دير ٿيڻ سبب پي ڊي ايم اليڪشن ڪميشن جي اڳيان احتجاج ڪري سياسي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ ٿيل احتجاجي مظاهري ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز،، بي اين پي مينگل جي اختر مينگل، پاڪستان پيپلز پارٽي جي نئير بخاري، راجا پرويز اشرف، قمر الزمان ڪائرا، جي يو آءِ جي عبدالغفور حيدري، اي اين پي جي امير حيدر خان هوتي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي .جڏهن پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو شريڪ نه ٿي سگهيو. احتجاجي مظاهري ۾ ان موقعي تي حفاظت جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا. پي ڊي ايم جي اليڪشن ڪميشن سامهون احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد انتظاميا ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا هئا. اليڪشن ڪميشن جي عمارت سامهون رنڊڪون ۽ ڪنڊي دار تارون لڳايون ويون هيون، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي عمارت تائين رستي کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو هو. اپوزيشن جي احتجاج سبب ريڊ زون ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ هئي، ريڊ زون جي رستن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته اهم عمارتن جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا واڌو دستا مقرر ڪيا ويا، گڏوگڏ گهرو وزارت ۾ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو، جتان صورتحال کي مانيٽر ڪيو ويو، سيف سٽي جي ڪئميرائن ذريعي به ريڊ زون جي مانيٽرنگ ڪئي وئي. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي پي ڊي ايم جي صدر ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن توهان کان حڪومت هلي ئي نه ٿي ته پوءِ آيا ڇو آهيو؟ هي قوم بيوس اليڪشن ڪميشن تي اڳتي ڀروسو نه ٿي ڪري سگهي. هي حڪومت چونڊيل نه آهي ۽ نه ئي ان کي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل آهي. هن چيو ته نااهل ماڻهن تي ٻڌل حڪومت ٺاهي وئي ته جيئن اصل حڪومت طاقتور ادارا ڪندا رهن، اِهو ئي هنن جو مقصد هو. چونڊن تي طاقتور ادارن قبضو ڪري ڊفلي وارو مڙهي ڇڏيو. هي حڪمران پاڪستان جي نرڙ تي داغ آهن، اهو داغ پنهنجي رت سان به ڌوئڻو پيو ته ڌوئنداسين، اسين هن حڪومت جي خلاف شرعي جهاد پيا ڪريون، اسان کي هنن چور حڪمرانن جي خلاف جهاد جي ميدان ۾ ئي رهڻو آهي، جيڪڏهن ڪو ڊڄڻو آهي ته اهو اسان جي صفن مان نڪري پنهنجي گهر وڃي زالن وٽ رهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي، اسرائيل ۽ ڀارت جي فنڊن سان پنهنجي پارٽي ٺاهي ۽ چونڊون وڙهيو آهي، ان جو فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 6 سالن کان رولڙي ۾ پيل آهي ، هي قوم بيوس اليڪشن ڪميشن تي اڳتي ڀروسو نه ٿي ڪري سگهي، اسان آگسٽ 2018ع تي هن ئي هنڌ تي احتجاج ڪري 2018ع جي اليڪشن کي گڏيل طور تي رد ڪيو هو ۽ اڄ به ان موقف تي قائم آهيون. عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي ۽ هن کي اُتان مدد حاصل آهي. اسرائيل ۽ ڀارت جي فنڊن سان چونڊون وڙهيو ۽ انهن جي ئي فنڊ تي پنهنجي پارٽي ٺاهي آهي. فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 6 سالن کان رولڙي ۾ آهي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز خطاب ڪندي چيو ته عمران خان اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ ورتا، جيڪو ڀارت کان پئساوٺندو اهو مودي جي ڪاميابيءَ جون دعائون ڪيئن نه گهرندو. مريم نواز چيو ته پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فراڊ جو نالو تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ ڪيس آهي، نومبر 2014ع ۾ اِهو ڪيس داخل ٿيو هو. هن چيو ته نواز شريف جو ڪيس ڏينهن ۾ هلندو آهي ۽ ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو آهي ۽ ڏينهن ۾ ٻه ٻه ٻڌڻيون به ٿينديون آهن پر هن اداري 7 ورهين ۾ 70 ٻڌڻيون ڪيون آهن. 70 ٻڌڻين دوران عمران خان گهٽ ۾ گهٽ 24 ڀيرا ڪارروائي روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 4 ڀيرا درخواستون ڏنيون ته ڪارروائي کي ڳجهو رکيو وڃي، جيڪڏهن توهان ايترا ئي صاف هئا ته ڪارروائي کي ڳجهو رکرائڻ جي لاءِ درخواستون ڇو ڏنيون، ان جو مطلب آهي ته چوري ٿي آهي ۽ چوري به وڏي ٿي آهي. اليڪشن ڪميشن کي عوام جي ووٽ جو تحفظ ڪرڻو هو پر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اڃان تائين نه ڏنو آهي جيڪو ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو فراڊ آهي. مريم نواز چيو ته جيڪڏهن هي احتجاجي ريلي ۽ احتجاج آهي ته پوءِ ڏسي ڇڏيو جنهن ڏينهن عوام لانگ مارچ جي لاءِ پهچندو ته ڪهڙي حالت ٿيندي. هن چيو ته اسان اڄ اهڙي روڊ تي موجود آهيون جنهن کي شاهراهه دستور چوندا آهن، جنهن جي ٻنهي پاسن کان انصاف ڏيندڙ ادارا موجود آهن پر ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي جنهن ملڪ ۾ اسان رهون پيا اُتي نه ڪو آئين آهي ۽ نه انصاف، اڄ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ان ڪري گڏ ٿيا آهيون جيئن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سندس آئيني ذميواريون يار ڏيارجن. اسان هتي ان ڪري گڏ ٿيا آهيون ته جيئن چيف اليڪشن ڪمشنر کي ٻڌائي سگهون ته توهان جو ادارو پاڪستان جو آئيني ۽ قوم جو ادارو آهي، جنهن کي آئين ۾ عوام جي راءِ جو امين ڪيو ويوآهي، آئين جي ڪتاب ووٽ جي عزت جي ذميواري عطا ڪئي آهي، هي اُهو ادارو آهي جنهن کي عوام جي ووٽ جي عزت ڪرائڻي هئي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻ نئير بخاري خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آئي کي پرڏيهي فنڊنگ ٿي ۽ ان جو اعتراف به ڪري چڪي آهي، پيپلز پارٽي پنهنجا مطالبا تيار ڪري ورتا آهن جيڪي جلد ئي اليڪشن ڪميشن جي اڳيان رکيا ويندا .
