اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ميڊيا اٿارٽي بابت بل جي خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي سميت سموري مخالف ڌر صحافين سان گڏ بيهي وئي آهي، مخالف ڌر ميڊيا اٿارٽي بابت بل خلاف صدر جي خطاب دوران پارليامينٽ ۾ سخت احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو ۽ پوءِ واڪ آئوٽ پڻ ڪيو. ان سلسلي ۾ مخالف ڌر سومر ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر عارف علوي جي خطاب دوران ميڊيا اٿارٽي بابت بل جي خلاف سخت پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪيو ۽ ان رٿيل قانون جي خلاف زورادار نعرا هڻي صدر جي خطاب ۾ رڪاوٽ پڻ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، مخالف ڌر سخت احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو ۽ پوءِ واڪ آئوٽ پڻ ڪيو. جنهن کان پوءِ مخالف ڌر ايوان مان واڪ آئوٽ پڻ ڪيو. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو، مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف، اسفنديار ولي ۽ مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن توڙي ميمبرن پارليامينٽ جي ٻاهران پاڪستان يونين آف جرنلسٽس جي انتظام هيٺ لڳل احتجاجي ڌرڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي . ان کان علاوه پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان پڻ ڌرڻي ۾ پهچي ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن حڪومت ميڊيا اٿارٽي بل زوري منظور ڪرايو ته عدالت ۾ وينداسين، هن چيو ته جن صحافين تي حملا ٿيا جيستائين اهي مطمئن نه ٿيندا تيستائين اسان به مطمئن نه ٿينداسين، ڪٺ پتلي ڄاڻي وٺي ته صحافين کي ماٺ ڪرائڻ سولو نه آهي. تاريخ ۾ ايتري غير فعال پارليامينٽ ڪڏهن نه ڏٺيسين، هاڻوڪي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر کي ته ڳالهائڻ به نه ٿو ڏنو وڃي ۽ چور دروازي مان آرڊيننس آڻي قانون ٺاهيا ٿا وڃن. شڪ آهي ته حڪومت پارليامينٽ جي ڪنهن گڏيل اجلاس ۾ ميڊيا اٿارٽي وارو بِل پاس ڪرائيندي، اهو ڪارو قانون جيڪڏهن ٺهي به وڃي ٿو ته صحافي ان کي ختم ڪري ڇڏيندا، ميڊيا اٿارٽي وارو اهو بِل معاشي ڌاڙو ۽ معاشي حملو آهي، اڄ صحافت جي آزادي ۽ ڪڍيل 20 هزار ملازمن جي حق لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪنداسين. هن چيو ته شهباز شريف سميت سڀني اپوزيشن اڳواڻن سان سٺا لاڳاپا آهن، فضل الرحمان جو احترام ڪريون ٿا، ان سان ڪو به ذاتي اختلاف نه آهي، شهباز شريف اعتماد ۾ وٺندو رهندو آهي ، ملڪ ۾ جمهوريت جي حوالي سان اپوزيشن هڪ پيج تي آهي، اعتمادي رٿ جمهوري هٿيار آهي، اسان ان وسيلي هن سليڪٽڊ کي ختم ڪنداسين. ٻي پاسي بلاول ڀٽو نوڪرين مان نڪتل ملازمن جي احتجاج ۾ پڻ شريڪ ٿيو جتي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت ملازمن کي هٽائي نه رڳو 20 هزار ڪٽنبن جو معاشي قتل ڪيو آهي پر جمهوريت تي پڻ ڌاڙو هنيو آهي، حڪومت کي ڪنهن جي به روزگار تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. اسين اهي ماڻهو آهيون جن چيف جسٽس افتخار چوڌري کي به پارليامينٽ مان بحال ڪرايو ۽ جن کي عمران خان بيروزگار ڪيو آهي انهن کي پڻ ان ئي پارليامينٽ مان بحال ڪرائينداسين. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته پي ايم ڊي اي جي ڪاري قانون جي مذمت ڪريون ٿا، اهو ڪارو قانون ڪڏهن به پاس ٿيڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم جو سموريون پارٽيون صحافين سان گڏ آهن. اپوزيشن اڳواڻ چيو ته ميڊيا جي آزادي لاءِ ميڊيا پاڻ جنگ وڙهي آهي، اهو ڪارو قانون پاس ڪرڻ جو نه حڪومت ۾ دم آهي نه ئي اسان ايئن ٿيڻ ڏينداسين، حڪومت صحافين خلاف ڪارو قانون لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪري. پي ايم ڊي جو مطلب ميڊيا ڊويلپمينٽ اٿارٽي نه پر ”ميڊيا ڏنڊو اٿارٽي“ آهي، آمريتي حڪومتن ۾ ئي ميڊيا جو گلو گهٽيو ويندو آه. اي اين پي جي اڳواڻ اسفنديار ولي چيو ته حڪومت ميڊيا کي زنجيرن ۾ ٻڌڻ گهري ٿي. ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال خطاب ڪندي چيو ته ميڊيا جي آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر آئيني اداري کي بي اثر ڪيو پيو وڃي. آرڊيننس جي ذريعي ميڊيا تي حملو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ميڊيا سان گڏجي پي ايم ڊي اي جو رستو روڪينداسين. پي ايم ڊي اي حڪومت جو رد ٿيل ڪارو قانون آهي.
