اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر جي احتجاج جي اها ئي صورتحال رهي ته لانگ مارچ کي به ڀليڪار ڪنداسين. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته جنهن اسيمبلي تي فضل الرحمان لعنتون وجهندو هو ان تي بلاول ڀٽو اڄ جشن ملهائي رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان کي اڳ ۾ به سياستدانن دوکو ڏنو، هن ڀيري به مولانا کي دوکو ڏنو پيو وڃي. گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته 2 پارٽيون وڃي بچيون آهن، ن ليگ ۽ فضل الرحمان، جڏهن ته ن ليگ وارا سمجهدار ڪاروباري ماڻهو آهن. هن چيو ته مخالف ڌر جي احتجاج مايوس ڪيو، اسان وڌيڪ انتظام ڪيو پر انهن جا گهٽ ماڻهو آيا آهن، جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته لانگ مارچ کي به ڀليڪار ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ٿي آهي، هو مطمئن آهي، وزيراعظم واضح ڪيو آهي ته هي ڪو مسئلو پيدا ڪن ته ان لاءِ تاريخي مسئلو پيدا ڪجو.
