اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت آئيني ترميم ناڪام بڻائڻ لاءِ مخالف ڌر ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. سينيٽ چونڊن بابت پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ جي يو آءِ اڳواڻن وچ ۾ رابطا ٿيا آهن، جنهن دوران ٻنهي ايوانن مان ترميم جي منظوري روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن مطابق مخالف ڌر فيصلو ڪيو آهي ته سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت آئيني ترميم کي ٻنهي ايوانن مان منظور ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ذريعن مطابق سومر ڏهاڙي قومي اسيمبلي جي ٿيندڙ اجلاس کان اڳ مخالف ڌر وچ ۾ ان حوالي سان وڌيڪ صلاح مشورا ڪيا ويندا. پيپلز پارٽي اڳواڻ شيري رحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت جو ترميمي بل جلدبازي ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي، وزيراعظم ميمبرن کي ترقياتي بجيٽ نه پر رشوت ڏني آهي.
