لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته مذهب تبديل ڪرڻ لاءِ عمر جو شرط اسلامي تعليم خلاف آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن لاءِ اسلام قبول ڪرڻ تي پابندي جو بل اسلامي تعليم خلاف آهي، حڪومت هن وقت تائين 57 قانون ٺاهيا پر عام ماڻهن جي لاءِ ڪو به قانون ناهي ٺاهيو، هن چيو ته ڪو به اهڙو آرڊيننس ناهي ٺاهيو، جيڪو پاڪستان کي مديني جي رياست ڏانهن وٺي وڃي.
