بني گالا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) اڳواڻ مريم نواز جي عدالت پيشي واري موقعي تي ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ڪورونا وائرس سبب گهر اندر آئسوليٽ ۾ موجود وزيراعظم عمران خان حڪومتي ميڊيا ٽيم سان ملاقات ڪئي، ٽيم وزيراعظم کي ملڪي سياسي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي ٽئين لهر انتهائي خطرناڪ آهي، سڄي ملڪ ۾ ويڪسينيشن وارو عمل جاري آهي، ڪورونا ايس او پيز تي هر صورت ۾ عمل ڪرايو وڃي. وزيراعظم حڪومتي ٽيم کي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ واري عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته مريم نواز جي عدالت پيشي واري موقعي تي ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
