لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز 24 اپريل تي ڪراچي وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، مريم نواز اين اي 249 ۾ ضمني چونڊ لاءِ مهم ۾ حصو وٺندي، پي ٽي آءِ جي فيصل واوڊا سينيٽ چونڊ وڙهڻ لاءِ ان سيٽ تان استعيفيٰ ڏني هئي، (ن) ليگ مفتاح اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ امجد آفريدي کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي آهي.
