42

مستحڪم ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي: اسد قيصر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان لاءِ افغان صدر جي خاص نمائندي عمر دائود زئي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي لازوال رشتن ۾ جڙيل آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ افغان حڪومت ۽ عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن چيو ته مستحڪم ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت افغانستان سان وسيع النبياد واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿي، پاڪستان جي خواهش آهي ته سي پيڪ منصوبي مان افغانستان فائدو کڻي، سي پيڪ منصوبو خطي ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو، جاگرافيائي اعتبار سان افغانستان وچ ايشيا جي لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته پاڪ افغان واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ قومي اسيمبلي پاڪ – افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي جوڙيل سفارشن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، افغان شاگردن ۽ مريضن جي لاءِ ويزه پاليسي ۾ نرمي سان افغان عوام پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهندي. ان موقعي تي افغان صدر جي خاص نمائندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي سياسي قيادت جي وچ ۾ رابطا خوش آئنده آهن، افغان عوام پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن ۽ ڀائيچاري جي بنيادن تي قائم رشتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو