50

مستونگ لڳ اي ٽي ايف جي گاڏيءَ سان حادثو، هڪ اهلڪار شهيد، 5 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) مستونگ لڳ اي ٽي ايف جي گاڏيءَ کي حادثو پيش آيو جنهن ۾ هڪ اهلڪار شهيد جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خضدار ويندڙ اي ٽي ايف جي گاڏي اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار محمد دائود شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن ۾ احسان الاهي، ذيشان احمد، فضل الرحمان، نويد احمد شامل آهن. جن کي فوري طور ڪوئيٽه جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو