33

مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير چونڊن جا نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز آزاد ڪشمير چونڊن کي ڌانڌلي واريون چونڊون ڪوٺيندي ان جا نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، آزاد ڪشمير چونڊن جي حوالي سان پنهنجي ٽوئٽ ۾ مريم نواز چيو ته اسان نه نتيجا مڃيا آهن ۽ نه ئي وري مڃينداسين، آئنده جو لائحه عمل ڇا هوندو. پارٽي ان بابت جلد فيصلو ڪندي، مريم نواز وڌيڪ چيو ته رياست جي طاقت جو مقابلو ڪرڻ آسان نه هو پر ان باوجود(ن) ليگ چونڊن ۾ سخت مقابلو ڪيو آهي. ڪنهن به منصفاڻي اليڪشن ۾ هي(ن) ليگ جي سامهون نٿا بيهي سگهن، آزاد ڪشمير چونڊ مان مايوس نه آهيان اسان مخالفن کي ٽف ٽائيم ڏنو. هن چيو ته مان (ن) ليگ جي سمورن ووٽرز ۽ ورڪرن کي ان جي جرئت ۽ بهادري تي شاباس ڏيڻ چاهيان ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو