29

مسلم ليگ ن صدر شهباز شريف ناراض،پارٽي صدارت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) آزاد ڪشمير چونڊن ۾حڪمت عملي نظرانداز ڪرڻ تي مسلم ليگ ن صدر شهباز شريف ناراض،پارٽي صدارت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، سياسي ذريعن موجب حمزه شهباز جي روڪڻ تي في الحال شهباز شريف خاموشي اختيار ڪئي، مسلم ليگ ن جي نائب صدر کي معاملو نواز شريف آڏو اٿارڻ جو يقين ڏياريو ويو، آزاد ڪشمير چونڊن ۾شڪست کانپوءِ مريم نواز هڪ سال تائين خاموش رهندي، هوڏانهن پارٽي جي ترجمان يا ٻئي ڪنهن اڳواڻ ان حوالي سان تصديق يا ترديد نه ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو