راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته احسان الله احسان جو ڀڄي وڃڻ هڪ سنگين معاملو هو، جڏهن ته احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ جي ذميوار فوجين خلاف ڪارروائي ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته احسان الله احسان جي ٻيهر گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، في الحال ڄاڻ ناهي ته احسان الله احسان ڪٿي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر مطابق جنهن ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ملالا کي ڌمڪي ڏني وئي هئي اهو اڪائونٽ جعلي هو. گم ٿيل ماڻهن بابت پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته مسنگ پرسنز تي جوڙيل ڪميشن تمام گهڻي اڳڀرائي ڪئي آهي، ڪميشن ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ڪيسن مان 4 هزار حل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مسنگ پرسنز وارو معاملو تمام جلد حل ڪيو ويندو. هن ڪيچ ۾ پورهيتن جي قتل بابت چيو ته ڪيچ ۾ هزاره پورهيتن جي قتل تي ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي، اهي تمام اهم گرفتاريون آهن، پر وڌيڪ تفصيل ٻڌائي نٿو سگهان. وزيرستان بابت ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته وزيرستان ۾ ڪاررواين تي انتهاپسندن جو ردعمل اچي رهيو آهي، عورتن جي ڪار تي حملو ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، وزيرستان ۾ هاڻي ڪوبه منظم گروهه ناهي رهيو، وزيرستان ۾ ننڍا ننڍا انتهاپسند ڪارروايون ڪري رهيا آهن، انهن ننڍن ننڍن انتهاپسندن جو به جلد خاتمو ڪيو ويندو. هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ مخالف انتهاپسندن جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ انتهاپسندن جي مدد افغانستان مان ڪئي پئي وڃي، ڀارت انتهاپسندن کي هٿيار، پئسا ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان به نوازي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه افغان انٽيليجنس جي ڄاڻ ۾ به آهي.
