44

مسوڀرڳڙي ۾ زرعي ڀاڻ جي قيمت ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، ٻوري 5 هزار رپيا ٿي وئي

مسوڀرڳڙي (ن سوڀ) مسوڀرڳڙي ۾ زرعي ڀاڻ جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو، ڊي اي پي جي ٻوري 3 هزار 800 بدران 5 هزار رپيا ٿي وئي، ڀاڻ جي ٻين قسمن جي اگهن ۾ به اضافو ٿي ويو، ڀاڻ جا اگهه وڌڻ سبب آبادگار پريشان، ڊسمبر 2020ع ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري جيڪا 3 هزار 800 رپين ۾ دستياب هئي ان جو اگهه وڌي 5 هزار رپيا في ٻوري ٿي ويو آهي اهڙي ريت نائٽرو فاس جي ٻوري جيڪا 2700 رپين ۾ ملندي هئي اها وڌي 3 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي ايس او پي جي ٻوري 4 هزار 500 رپيا وڪڻڻ بدران هاڻي 4 هزار 800 رپيا ۽ اين پي ڪي (خاص) جي ٻوري 3 هزار 900 رپين بدران 4100 رپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي. فاسفورس ۽ پوٽاش ڀاڻن جي مختلف قسمن جي ٻورين جي اگهه ۾ اضافي سبب آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن. ڀاڻ جا اگهه وڌڻ جي ڪري زرعي فصلن جي پيداوار تي به ناڪاري اثر پوڻ جو امڪان آهي جنهن سان فصلن جي پيداوار گهٽجي ويندي زراعت جي مقصدن ۾ ڪم ايندڙ شين جا اگهه اڳ ئي چوٽ چڙهيل آهن ويتر ڀاڻ جا اگهه وڌائي آبادگارن کي پريشان ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو