ليکڪ: عاصمه شيرازي
3 نومبر 2007ع کان اڳ اهي اطلاع اچڻ شروع ٿي ويا هئا ته جنرل مشرف ڪجهه صحافين کان بيحد ناراض آهي ۽ عدليا بحالي تحريڪ ۾ ٽي وي چئنلن ۽ ڪجهه صحافي اينڪرن کان ناخوش آهي، جنرل مشرف اهو سمجهيو ٿي ته عدليا بحالي تحريڪ ۾ چئنلن ۽ ڪجهه اينڪرن جو ڪردار حڪومت مخالف آهي ۽ اهي ماڻهن جا جذبا اڀاري رهيا آهن پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ هئي، ان وقت جي چيف جسٽس کي آرمي هائوس طلب ڪيو ويو ۽ ان کي استعيفيٰ جو حڪم ٻڌايو ويو هو جيڪو هن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جسٽس چوڌري جي فيصلن تي اعتراض ٿي سگهن ٿا پر جيڪو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو هو اهو برداشت جي قابل نه هو، وڪيلن ۾ آئين جي پائمالي جو غصو پلجي رهيو هو، جڏهن ته عوام ۾ مهانگائي، لوڊشيڊنگ، اٽي ۽ کنڊ جي کوٽ جو ڏک ۽ مٿان وري ميڊيا تي راتاهو لڳڻ لڳو، اهي سمورا عمل شايد ڪٿي پردي پويان وارين قوتن جي نئين منصوبي جنرل مشرف کان ڪرائي ڇڏيا، جنهن تاريخ ۾ کيس هڪ ڀيرو نه پر 2 ڀيرا آئين کي معطل ڪرڻ وارو آمر بڻائي ڇڏيو. جنرل مشرف ڪاري ۽ اڇي جو مالڪ هجڻ باوجود اهي غلطيون ڪرڻ لڳو جيڪي ڪڏهن سوچيو به نه هيون، هڪ طرف لال مسجد جي ڪري انتهاپسند مذهبي تنظيمون مخالف ٿيون ته ٻئي پاسي عدليا سان هن سڱ اڙائي ڇڏيا ۽ آخر ۾ ميڊيا کي به لوهي هٿن سان کڻڻ لڳو ته رياست جا 2 مضبوط ٿنڀ سندس مخالف ٿي ويا، جنهن جو اثر ان جي پنهنجي اداري تي به ٿيو، نتيجي ۾ عدليا بحالي گهٽ ۽ جنرل مشرف مخالف تحريڪ وڌيڪ جنم ورتو، 3 نومبر 2007ع تي ايمرجنسي لاڳو ٿي ته ان ڏينهن ئي سپريم ڪورٽ ايمرجنسي واري ان حڪم کي معطل ڪري ڇڏيو، جنهن لمحي اعليٰ ججن جون گاڏيون سپريم ڪورٽ جي دروازي مان نڪري رهيون هيون، ان لمحي شاهراهه دستور تي مقامي ۽ عالمي ميڊيا ۽ سول سوسائٽي ۽ سياسي ڪارڪنن جو هجوم هو، صحافي هڪ ڀيرو ٻيهر نام نهاد جمهوريت تي راتاهو هڻڻ تي ڏکارا هئا ۽ اهي اطلاع پهتا ته مون سميت 5 صحافين مٿان ٽي وي تي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ اسان جا پروگرام بند ڪيا ويا آهن، صحافي روڊ هئا ۽ اظهار جي آزادي لاءِ سراپا احتجاج، جيئن جيئن تحريڪ اڳتي وڌي رهي هئي، جنرل مشرف اڪيلو ٿي رهيو هو پر الميو اهو هو ته هو چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي جهڙن اتحادين جي ڳالهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو، جنرل مشرف جي وردي ۽ صدارت نيٺ فيبروري جي چونڊن جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي پر (ن) ليگ ۽ پ پ قومي حڪومت جي هٿان انجام تي پهتي، هاڻ موجوده حالتن تي نظر ڊوڙايون ورهايل ميڊيا، مخالف ڌر جي ورهاست، سياسي پارٽيون، ڪمزور سول سوسائٽي ۽ ورهايل بار ڪائونسلز، حڪومت مڪمل طور تي مضبوط، مهانگائي جو ماريل عوام مايوسي جو شڪار، هڪ صفحي جي حڪومت کي ظاهري طور ڪٿان ڪو به خطرو موجود نه آهي، ان هوندي به حڪومت مخالفن جي ڪمزوري جو فائدو کڻندي اعليٰ عدليا جي بهترين شهرت رکندڙ جج قاضي فائز عيسيٰ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو نتيجو عدليا ۾ ورهاست جي صورت ۾ نڪتو ۽ تازو ئي سپريم ڪورٽ جي جج جي مقرري ۽ ميڊيا ڪيس ۾ عدليا جي ورهاست واضح نظر آئي، حڪومت جي بيانيي کي نه صرف شڪست ٿي پر عدليا کي به خفي کي منهن ڏيڻو پيو، پوءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جي حق جي باري ۾ اليڪشن ڪميشن جي اختيار کي چئلينج ڪيو ويو ۽ وفاقي وزير سواتي صاحب نه صرف چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين ڪئي پر اليڪشن ڪميشن کي باهه لڳائڻ جي ڌمڪي ڏئي حڪومت کي وڌيڪ بدنام ڪري ڇڏيو. اهو ئي نه الڪيشن ڪميشن ۽ سٺي ساک واري چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي تڪراري بڻائڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي آئيني اداري تي اجايو دٻاءُ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تڪراري نيب چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جون خبرون گردش ۾ آهن، جيڪو اپوزيشن کي وڌيڪ ڪاوڙائي سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت جي اڳ ئي پيسيل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز گهٽ ۾ گهٽ سموري ميڊيا، صحافتي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ بار ڪائونسلن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڇڏيو آهي. نه صرف اهو پر وکريل، ٽٽل ڦٽل ۽ ورهايل مخالف ڌر جي پارٽين کي به هڪ صفحي تي آڻي بيهاريو آهي، اي وي ايم مشين هجي، نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ، اعليٰ عدليا سان ڇيڙڇاڙ، اليڪشن ڪميشن تي دٻاءَ جا حربا يا ميڊيا ڪنٽرول ڪرڻ جي اٿارٽي، عام چونڊن کان اڳ اهي سڀ هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن، جهڙي طرح باوردي جنرل مشرف طاقت ۽ اختيار ۾ وساري ويٺو ته پيڙهيل طبقا يا ته ديوار سان لڳي وڃن ٿا يا وري ڳچيءَ ۾ هٿ پئي ته ڳچي ۾ پئجي وڃن ٿا، بلڪل اهڙي طرح هڪ صفحي جي حڪومت به شايد وساري ويٺي آهي ته مهانگائي جي پيڙهيل عوام کي حالتن جي چڻنگ جو انتظار آهي.شهباز شريف بلاول ڀُٽو زرداري کي صحافين جي ڪئمپ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ ٿيڻ ۽ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ سندن گڏيل انٽري اتي موجود ڪيترن ئي صحافين جي چهرن تي اطمينان ڊوڙائي ڇڏيو ته نيٺ جمهوريت راءِ جي آزادي ۽ عوامي حقن لاءِ مخالف ڌر جون پارٽيون گڏ ٿي رهيون آهن. ان لمحي بي اختيار هڪ ئي جملو ذهن ۾ آيو ته مهرباني عمران خان، تو ورهايل ماڻهن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ڇڏيو.