40

مصر جو قطر مان ايندڙ اڏامن لاءِ هوائي حدون کولڻ جو فيصلو

قاهره (ويب ڊيسڪ) مصر قطر مان ايندڙ اڏامن لاءِ هوائي حدون کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اڏامن جي اچ وڃ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. ميڊيا رپورٽن مطابق قطر اڏامن جي بحالي جو فيصلو سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جو قطر سان بائيڪاٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪيو آهي. واضح رهي ته 2017 ۾ سعودي عرب،گڏيل عرب امارتن ۽ مصر قطر سان سفارتي،سفري ۽ واپاري لڳاپا ختم ڪيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو