10

معذور ڇوڪري کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ تي نادرا چيئرمين کي نوٽيس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ معذور ڇوڪريءَ کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي نادرا چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه روبينه نالي ڇوڪريءَ پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته روبينه ۽ سندس والده کي سندس پيءُ ڇڏي ويو هو ۽ نادرا والد کان سواءِ معذور ڇوڪريءَ جو سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڇوڪريءَ وٽ معذوري جو سرٽيفڪيٽ موجود آهي جڏهن ته سڃاڻپ ڪارڊ نه هئڻ سبب ڪرونا ويڪسين لڳرائڻ لاءِ به مشڪلا پيش اچي رهي آهي ۽ سفر ڪرڻ توڙي بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولرائڻ ۾ پڻ پريشاني ٿي رهي آهي تنهن ڪري عدالت کي گذارش آهي ته معذور نياڻي جو سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو