41

معصوم شاگردن جو حادثاتي موت ۽ خوني بڻيل مهراڻ هاءِ وي

ليکڪ: غلام فريد هاليپوٽو

ٽن ضلعن خيرپور ميرس، نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه تان گذرندڙ مهراڻ نيشنل هاءِ وي موت جي ڪوڙڪي بڻجي چڪو آهي، سنگل روڊ هجڻ باوجود هيوي ٽرئفڪ، ٽرالر، ٽرڪون ۽ مسافر ڪوچون اسپيڊ ۾ گذرڻ جي ڪري روزانو ان روڊ تي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ معمول بڻيل آهي، حڪومت پاران هيوي ٽرئفڪ جي گذرڻ تي پابندي تي به مقامي انتظاميا عمل ناهي ڪرائي سگهي، مسافر ڪوچن ۽ وڏين گاڏين وارا ٽول ٽيڪس ۽ تيل جي بچت سميت شارٽ ڪٽ جو فائدو وٺندي مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي گاڏيون هلائين ٿا، جنهن ڪري روزانو جي بنياد تي حادثا ٿين ٿا، حادثن جو شڪار اڪثر ڪري موٽر سائيڪل سوار يا روڊ ڪراس ڪندڙ اهي مسڪين هجن ٿا، جيڪي اوچتو گاڏين جي اچڻ تي پنهنجون حياتيون وڃائي ويهن ٿا، ماءُ پيءُ جن جا خواب هوندا آهن ته سندن ٻچا اسڪولن ۾ پڙھي لکي سٺا آفيسر ٿي انهن جا ڏک ۽ درد دور ڪندا پر ڪنهن به نه ڄاتو هو ته جن ٻچڙن جي مائرن ٻچڙن جي پائليٽ، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ جا خواب ڏٺا هئا، جن مائرن پنهنجا ٻچڙا گلن وانگر سينگاري اسڪول موڪليا هئا، اهي ساڳي طرح کلندي ڪڏندي، خوشي ٿيندي واپس اچڻ بدران سندن سرد ٿيل جسم ايمبولينسن ۽ چنگچين تي واپس ايندا، اهي ٻارڙا جيڪي اسڪول ويا هئا انهن هميشه وانگر گهر پهچي ماءُ کان ماني نه گهري، پر رت ۾ لال ٿي اجرڪ ۾ اوڍيل ۽ چچريل لاشن جي صورت ۾ پهتا، جنهن گاڏي واري کين ٽڪر هنيو اهو ايترو ته وحشي ۽ ظالم هو جو ايڏي وڏي حادثي باوجود به هن بريڪ نه هنئي ۽ موٽر وي پوليس نه هجڻ جو فائدو وٺندي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ڪوٽ لالو ڀرسان مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي هي افسوسناڪ واقعو 2 ڏينهن اڳ پيش آيو، جتي ٺري ميرواهه کان ڪراچي ويندڙ انتهائي لاپرواهه ۽ خوني وين سروس سڏجندڙ المرتضيٰ وين سروس جي هڪ تيز رفتار وين اسڪول ويندڙ ٻارڙن جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب 5 شاگردن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڳوٺ حسين بخش مري واسي 5 اسڪولي ٻارڙا علي جان مري، حبدار مري، صدام مري، ظفر مري، مظفر مري ۽ امتياز مري پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا، فوتين ۾ ٻه ٻه سڳا ڀائر شامل آهن، انهن ٻن ٻن سڳن ڀائرن جا والدين مٽ مائٽ ۽ مائرون ان ڊرائيور کي ڪڏهن به نه بخشيندا پر الله تعاليٰ به کيس معاف نه ڪندو ته هن ائين بي رحيم طريقي سان انهن معصومن کي چيڀاٽڻ کانپوءِ به کين اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ گاڏي نه روڪي، روزانو ان روڊ تي اهڙا ڪيترائي حادثا ٿين ٿا، ڪي ونيون ور ڪي امڙيون پنهنجا لال، ڪي ڀينرون پنهنجا وير، ڪي معصوم ٻچا پنهنجا پيئر وڃائي ويهن ٿا ۽ موٽ ۾ نه حڪومتون انهن جي ڪٽنب جي سار لهن ٿيون ۽ نه ئي وري اهڙن ڊرائيورن کي ڪا سزا اچي ٿي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ته اهڙن ڊرائيورن کي به سرعام روڊن تي ڦاهي ڏجي ته جيئن ٻين لاءِ اهي نمون بڻجن پر طاقتور ٽرانسپورٽ مالڪن سميت ڊرائيورن کي ڪجهه به نٿو ٿئي جيڪڏهن حادثي ۾ ڪو چڱو ڀلو فوت ٿئي ٿو ته گاڏين جا مالڪ ميڙ وٺي خون بخش ڪرائي ڇڏين ٿا ۽ جيڪڏهن ڪو عام ۽ غريب ماڻهو آهي ته 2 ڏينهن سوڳ کانپوءِ ڳالهه سڀني کان وسريو وڃي، وڏي افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته هن روڊ تي 10 کان وڌيڪ خطرناڪ موڙ آهن، جتي ٻن سالن دوران ڪيترن ئي حادثن ۾ لاتعداد ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن، ڇو ته مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي نه موٽري وي پوليس آهي، نه ايڌي ايمبولينس جي سهولت ۽ نه ئي وڏي اسپتال، خيرپور ۽ راڻيپور کان هيوي ٽرئفڪ جيڪا نوابشاهه ويندي آهي ان کي ٻئي روڊ سان وڃڻو هوندو آهي پر گاڏين وارا ڊبل روڊ ڇڏي سنگل روڊ اختيار ڪندا آهن، روڊن تي مقرر ڪيل اهلڪار اهڙن ڊرائيورن کان روزانو لکين رپيا اوڳاڙي انهن کي ماڻهو مارڻ لاءِ آساني سان سنگل روڊ تي ڇڏي ڏين ٿا، ڪيترائي ڀيرا علائقي واسين احتجاج ڪيا آهن، صحافين پنهنجن اخبارن ۽ چينلن تي هن مسئلي کي اٿاريو آهي، اي پي سيز گهرائي احتجاج ڪيا ويا آهن، لاڳاپيل اختيارين کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون ويون آهن، پر اسان جا نيرو بڻيل حڪمران رڳو بانسري وڄائڻ ۾ پورا آهن ۽ پويان خلق روڊن تي حادثن جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته تعلقي جي وڏي اسپتال جنهن کي هن وقت اين جي اوز حوالي ڪيو ويو آهي، ان وٽ ايمبولينس جهڙي سهولت به موجود نه آهي، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي بدقسمتي ٿيندي ته صوبائي سرڪار تعلقي ليول جي اسپتالن کي گروي رکي ڇڏي ۽ انهن جا انتظام سنڀاليندڙ هڪ ايمبولينس به سنڀالي نه سگهن، ڇا ان کان وڌيڪ بيڊ گورننس جو ڪو مثال ڏئي سگهجي ٿو؟ گذريل ٽن مهينن دوران حادثن ۾ ڄاڻايل روڊ تي 50 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهو هميشه لاءِ معذور بڻجي چڪا آهن، پر نالائق ۽ نااهل انتظاميا ڪمشنر، ڊي سي ۽ ايس ايس پي ڄڻ ته ڪرسين تي گڏا آهن، جن کي نه ماڻهن جي حياتي جو ڪو اونو آهي ۽ نه ئي وري ڪو احساس، اهي سرڪار جي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ باوجود رڳو هيوي ٽرئفڪ بند ناهن ڪرائي سگهيا، هزارين ماڻهن جا احتجاج ۽ آواز انهن جي پيرن هيٺان لتاڙجي وڃن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن پوليس جي نگراني ۾ غيرقانوني هيوي ٽرئفڪ گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي،  ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اختياريون هن اهم معاملي تي اکيون ٻوٽڻ واري روش ختم ڪن ۽ پنهنجي ڪنن مان ڪپهه ڪڍي، اکين تي ٻڌل ڪاريون پٽيون لاهي هن اهم مسئلي جي فوري حل لاءِ قدم کڻن، يقينن انهيءَ عمل سان آفيسرن جي کيسن جو بار ضرور هلڪو ٿيندو ۽ حرام جي ڪمائي جا لکين رپيا شايد نه ملي سگهندا، پر ان سان غريبن جا گهر تباهه ٿيڻ کان بچي سگهندا، خاص ڪري ڪنب ۽ راڻيپور کان شروع ٿيندڙ هن هاءِ وي تي رشوت وٺي گاڏين جي داخلا بند ڪرائي وڃي ته جيئن گهر اجڙڻ کان بچي سگهن، گڏوگڏ خوني بڻيل المرتضيٰ وين سروس جنهن جون گاڏيون 5 مهينا اڳ به اهڙو حادثو ڪري چڪيون آهن ۽ ان وين سروس به هن وقت تائين ڪيترائي گهر اجاڙيا آهن، ان کي بند ڪيو وڃي ۽ حادثن ۾ ملوث ڊرائيورن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاهي ڏني وڃي، ڇو ته جيستائين قانون جي حقيقي عملداري شروع نه ٿيندي تيستائين ائين ئي گهر برباد ٿيندا رهندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو