ايڊيٽوريل
ملڪ ۾ 4،5 ڏينهن کان ملتان جلسي بابت جنهن قسم جي صورتحال پيدا ٿي وئي هئي، ان مان سڀني ڌرين اهو اندازو لڳايو پئي ته پ پ جي يومِ تاسيس جي حوالي سان اعلانيل جلسي ۾ خدا نخواستا ڪا اڻوڻندڙ صورتحال پيدا نه ٿي پوي ۽ خاص ڪري گذريل ٻن ڏينهن کان جنهن قسم جو ماحول پيدا ڪيو ويو هو ۽ بيانن جي ڏي وٺ هئي، ان سان سڄو ملڪ هڪ سخت ذهني ڇڪتاڻ ۽ اذيت مان گذري رهيو هو پر جلسي کان ٺيڪ ڪجهه وقت اڳ حڪومت هڪ بهترين فيصلو ڪري پوئتي هٽي وئي ۽ مخالف ڌر کي جلسي جي اجازت ڏئي ان ٽينشن ۽ سخت ذهني ڇڪتاڻ واري ماحول کي ختم ڪيو ويو، جيڪو اسان سمجهون ٿا ته دير سان ئي صحيح پر هڪ بهتر قدم کنيو ويو آهي، جيتوڻيڪ ان ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته جمهوري ملڪن اندر جمهوري روايتن سان ئي شيون بهتر ڪري سگهجن ٿيون، ڇو ته جڏهن جڏهن به جمهوري روايتن کي پٺي ڏني وئي آهي، تڏهن تڏهن حالتون ڪو ٻيو رخ وٺي خرابي طرف وڌيون آهن، ان ڳالهه کان به انڪار نه آهي ته ڪورونا جهڙي عالمي وبا هن وقت سڄي دنيا کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ورتو آهي، پر ان لاءِ اسان وري وري اهو لکندا پيا اچون ته هڪ بهتر حڪمت عملي ۽ گڏيل صلاح سان قومي اتفاقِ راءِ جي ضرورت آهي ۽ اها قومي اتفاقِ راءِ تڏهن ئي جڙندي وقت جي حڪومت ۽ حڪمران سڀني جا حڪمران بڻجي سڀني کي سيني سان لائي سندن ڳالهه ٻڌي ان تي عمل ڪرڻ جهڙو هڪ رستو ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪن، ڇو ته بهرحال وري به اها ذميواري حڪمرانن جي هوندي آهي. حڪمرانن کي وڏي هجڻ جي ناتي ٽڪراءَ کان پاسو ڪرڻو ئي پوندو آهي ۽ موجوده حڪومت ملتان واري جلسي لاءِ اهڙو پاسو ڪري ڄڻ ته نه صرف وڏي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي پر ملڪ کي هڪ سخت ٽڪراءَ واري عمل کان به بچائي ورتو آهي ۽ ملتان ۾ پ پ ۽ مخالف ڌر يومِ تاسيس جو جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ ان ئي جلسي ۾ پ پ طرفان سياست ۾ هڪ نئين چهري جي به شروعات ٿي آهي، اهو نئون چهرو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي، سنڌ جي نياڻي ۽ ملڪ جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري جو آهي، جيڪا پنهنجي ڀاءُ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ سبب سندس غير موجودگي وارو خال پُر ڪرڻ لاءِ جلسي ۾ شريڪ ٿي ۽ لکين ماڻهن جي مجموعي کي خطاب ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پيپلزپارٽي جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن ڏينهن کان هن پارٽي جو بنياد وڌو آهي، ان ڏينهن کان هن پارٽيءَ جي روايتن ۾ جهڪڻ رهيو ئي نه آهي، هن ملتان جي ماڻهن جو ٿورو مڃيندي سندن بهادري جي ساراهه پڻ ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن مردن کي گرفتار ڪري ورتو ته پيپلزپارٽي جون سموريون عورتون ان جدوجهد جي ميدان ۾ پاڻ ملهائينديون. آصفه ڀٽو زرداري جو خطاب ٻڌي هر ماڻهو سندس بهادري ۽ دليري جي جتي تعريف ڪري رهيو آهي، اتي اها به اميد پيدا ٿي پئي آهي ته آصفه ڀٽو زرداري محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي صورت بڻجي سندس خال کي پُر ڪري سگهي ٿي ۽ سنڌ جي هن نياڻي پنهنجي پهرئين ئي وڏي جلسي ۾ اهو ثابت به ڪيو آهي، جڏهن ته پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي خطاب ۾ لاهور واري جلسي جي تاريخ 13 ڊسمبر مقرر ڪندي عوام کي ان ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل پڻ ڪئي آهي، يعني 13 ڊسمبر تي هڪ ڀيرو ٻيهر لاهور جو ميدان سجايو پيو وڃي، اسان اميد ٿا ڪريون ته ملتان وارو ماحول لاهور ۾ پيدا نه ڪيو ويندو ۽ حڪومت جنهن سنجيدگي جو مظاهرو آخر ملتان ۾ ڏيکاريو اهو لاهور ۾ نظر ايندو. ڇو ته ڪجهه به هجي ٽڪراءَ جي سياست ملڪ لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندي.