اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ برساتن وارو سسٽم داخل ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ مختلف شهرن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ کان سڄي ملڪ ۾ برساتن جو سسٽم داخل ٿي ويو آهي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، ايبٽ آباد، مظفر آباد، ساهيوال، بوري والا، وهاڙي ۽ پشاور سميت مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ڪٿي تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ موسم خوشگوار بڻجي وئي آهي، برسات پوڻ سبب مختلف علائقن ۾ بجلي جو نظام درهم برهم پڻ ٿي ويو آهي.
