204

ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڪورونا ۽ سخت لاڪ ڊائون جو چتاءُ….!!

ايڊيٽوريل

پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، ان حوالي سان وفاقي حڪومت پاران قائم ڪيل اين سي او سي احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪرڻ جي شڪايت ڪندي سخت قدم کڻڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽن مطابق راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن باوجود بازارن توڙي ميٽرو بسن ۾ ماسڪ جي پابندي نه پئي ڪئي وڃي، هوڏانهن ڪيس وڌڻ بعد گجرات ۽ حافظ آباد جي وڌيڪ علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، ملتان ۾ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پشاور ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 17 هوٽلون سيل ڪري 34 دڪاندارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، باجوڙ ۾ پڻ نوان ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ تي 5 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي اين سي او سي موتن جي شرح ۾ واڌ ۽ ڪورونا ڪيسن ۾ مسلسل واڌ تي سخت خدشا ظاهر ڪيا آهن، گذريل ڏينهن وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته شهري ماسڪ جو استعمال ۽ سماجي فاصلي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سمورن وڏن شهرن ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 5 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي، اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا جي نئين لهر تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ اها وڌيڪ خطرناڪ آهي، جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته سخت پابنديون هڻڻ تي مجبور ٿي وينداسين. ميڊيا رپورٽن مطابق ڪورونا جي ٽئين لهر انتهائي خطرناڪ ٿي چڪي آهي ۽ ملڪ ۾ هڪ ڏينهن اندر 61 ماڻهو حياتي وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته مثبت ڪيسن جي شرح 7.8 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ۽ ان کي انتهائي سنجيدگي سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، پر بدقسمتي سان اڃا به ملڪ ۾ ڪورونا جي مرض بابت تڪراري ٿيوريون هلي رهيون آهن ۽ ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو پڻ ڪورونا کي هڪ مرض بدران سازش واري نقطئه نظر سان ڏسندي ماڻهن ۾ عجيب قسم جو انتشار پکيڙي رهيا آهن ۽ اڃا به اها راءِ جوڙي پئي وڃي ته هيءَ اميرن جي بيماري آهي يا وري ڪا عالمي سازش آهي، جنهن کي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي، ڇو ته مرض امير يا غريب، پير يا فقير، عورت يا مرد ۽ ٻار يا ٻڍي کي ناهي ڏسندو، هيءَ هڪ خطرناڪ قسم جي عالمي وبا آهي، جنهن سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان ته اڃا انهن خوش نصيب ملڪن مان آهي، جن ۾ هن مرض زور ناهي پکڙيو، جڏهن ته دنيا جا انتهائي طاقتور ترين معاشي ملڪ به هن مرض جي سٽ نه سگهيا آهن ۽ اهي معاشي طور ڪمزور ٿي ويا آهن، هن مرض جي ڪري نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ بيروزگاري وڌي آهي، تازين رپورٽن مطابق ڪورونا سبب سڄي دنيا ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن ۽ هن مرض کي مذاق سمجهندڙ طاقتور ترين ملڪن ۾ لکين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن، ان ڪري اسان کي هاڻ انهن تڪراري ٿيورين مان نڪري پنهنجو ۽ پنهنجي پيارن جو خيال رکڻو پوندو ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو ۽ سڀ کان وڌيڪ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون پونديون، جيئن هن مرض کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي، خدا نخواستا جيڪڏهن اسان جي غلطين يا سستي جي ڪري هي مرض پکڙجي ويو ته پوءِ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پوندو ۽ جيڪڏهن سخت لاڪ ڊائون لڳي ويو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اسان ڪنهن وڏي مصيبت ۾ ڦاسي سگهون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو