97

ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري، وڌيڪ 1300 رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ گهٽتائيءَ جو سلسلو جاري رهيو ۽ في تولي سون جي قيمت ۾ وڏي لاٿ سامهون آئي آهي. سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب ڇنڇر ڏينهن في تولي سون جي قيمت ۾ 1300 رپيا لاٿ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 17 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 1114 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 566 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 11 ڊالر گهٽجڻ سان 1783 ڊالر في اونس آهي. واضح رهي ته هلندڙ هفتي سون اگهن ۾ تقريبن 10 هزار رپين تائين لاٿ ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو