237

ملڪ ۾ موذي مرض ڪورنا سبب وڌيڪ 83 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، 2900 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا ختم نه ٿيا، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 83 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 2900نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 38 هزار 28 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 2900 ڄڻن ۾ ڪورونا ظاهر ٿي، جڏهن ته وبا وگهي 83 ڄڻا فوت ٿيا آهن.هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 7.0 سيڪڙو آهي، جيڪي انگ اکر نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو