131

ملڪ ۾ ناڻي جا ذخيرا 20 ارب ڊالرن کان وڌي ويا آهن: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل هفتي دوران 1.025 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق 13 نومبر 2020ع تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران ملڪ ۾ ناڻي جي ذخيرن جو هجم 20.085 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. جيڪو هفتي جي پڄاڻي تي ناڻي ذخيرن جو هجم 19.906 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. اسٽيٽ بئنڪ موجب 13 نومبر 2020ع تي ختم ٿيڻ واري هفتي دوران اسٽيٽ بئنڪ وٽ ناڻي ذخيرن جو هجم 12.931 ارب ڊالر هو. جيڪو فيبروري 2018ع کان پوءِ ناڻي جي بلند ترين شرح آهي. بئنڪن وٽ ناڻي جي ذخيرن جو هجم 7.154 ارب ڊالر هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو