28

ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي…

ايڊيٽوريل

تبديلي سرڪار جي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جي دعوائن باوجود ملڪ اندر مهانگائي رڪجڻ جو نالو ئي نٿي وٺي ۽ هر ايندڙ ڏينهن مهانگائي جي هڪ نئين طوفان کي گڏ کڻي اچي رهيو آهي، جنهن ڪري غريب عوام جون اڀ ڏاريندڙ چيخون معمول بڻيل آهن پر ڪو به انهن کي ٻڌڻ وارو ناهي، نئين سال جو سج به مهانگائي کي پاڻ سان گڏ کڻي آيو آهي، جنهن ڪري هاڻي ايشيا اندر پاڪستان مهانگائي جي لسٽ ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو آهي، هڪ اردو اخبار جي تازي رپورٽ موجب آءِ ايم ايف جون تائين ختم ٿيندڙ موجوده مالي سال ۾ مهانگائي جي اها شرح 8.8 تائين وڌي وڃڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، پاڪستاني ميڊيا جون به تازيون رپورٽون آهن ته کاڌ خوراڪ سميت ضرورت واريون بنيادي شيون عوام جي پهچ کان مٿي ٿي ويون آهن، اسلام آباد ۾ کنڊ سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي، قيمت 100 رپيا في ڪلو تي پهچي چڪي آهي، جڏهن ته گيهه جي قيمت 190 رپين مان وڌي 210 رپين تائين پهتي آهي، کنڊ، چانور، گيهه ۽ دالين جي قيمتن ۾ گذريل هڪ هفتي دوران 10 کان 20 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي، يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه في ڪلو 22 رپيا ۽ ڪوڪنگ آئل 27 رپين تائين في ليٽر  مهانگو ٿي ويو آهي، مختلف شهرن ۾ 15 ڪلو وارو اٽي جو ٿيلهو 950 رپين مان وڌيڪ هڪ هزار رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، ان کانسواءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي ٻيون شيون پڻ مهانگيون ٿي ويون آهن، خشڪ کير، پيسٽ، صابڻ، ڳاڙها مرچ، لوڻ، مصالحا، شربت ۽ ٻيون شيون پڻ مهانگيون ٿي ويون آهن، يوٽيلٽي اسٽورن تي وهنجڻ وارن صابڻن جي قيمتن ۾ ڏيڍ رپين کان وٺي 7 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، اهي سڀ قيمتون ته سرڪاري طور تي سامهون آيون آهن پر دڪانن وارن وري ڦرلٽ جي بازار الڳ گرم ڪئي آهي، اهي پنهنجي مرضي سان مهانگائي جو بهانو بڻائي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن، نه فقط ايترو پر دوائن جون قيمتون به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، مجموعي طور تي ملڪ اندر سموريون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن ۽ اهي عام ماڻهو جي پهچ کان مٿي آهن، اهڙي ريت بجلي، گئس ۽ ڪپڙي لٽي جون قيمتون پڻ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، نئين سال ۾ حڪومت بجلي جي اگهه ۾ هڪ رپيو 6 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، اها واڌ گذريل ٻن مهينن دوران ٻيو ڀيرو ٿي آهي، جڏهن ته ايل پي جي جي قيمت ۾ به لڳ ڀڳ 20 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، صورتحال ڪجهه اهڙي آهي جو مهانگائي جي هن عذاب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي حڪومت جي بار بار دعوائن باوجود مهانگائي تي ڪو به ضابطو نه اچي سگهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا وفاقي ڪابينا ۽ وزيراعظم ذاتي طور تي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت هدايتون ڏنيون آهن پر مهانگائي رڪجڻ جو نالو ئي نٿي وٺي، سرڪار جا وزير ان سڄي صورتحال جو ملبو اڳوڻن حڪومتن تي ڪيرائي رهيا آهن ۽ سندن چوڻ آهي ته هو سندن پاليسين سبب مالي خساري جو شڪار آهن، تنهن ڪري مهانگائي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته حڪومت جون پنهنجون پاليسيون ئي اهڙيون آهن، تنهن ڪري مهانگائي  ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته حڪومتن جون ڪوششون مهانگائي روڪڻ ۾ ان ڪري به ناڪام ٿي رهيون آهن ته آءِ ايم ايف جي ايجنڊا تحت جيڪي قدم کنيا پيا وڃن يا سرڪار جيڪي نيون پاليسيون آنديون آهن انهن جي ڪري مهانگائي عوام مٿان ڪڙڪي پئي آهي، جنهن سطح سان مهانگائي وڌي رهي آهي ان سان اهو خدشو آهي ته ملڪ اندر بدحالي جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري سرڪار کي گهرجي ته فوري طور تي مهانگائي جو نوٽيس وٺي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني آڻي، چوڌري شجاعت اها تجويز بلڪل درست ڏني آهي ته ٻيا سڀ پروگرام بند ڪري غريبن لاءِ پروگرام آندو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو