102

ملڪ ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊز جون چونڊون اڄ ٿينديون، 206 وارڊن ۾ 1560 اميدوار ميدان ۾ لهندا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  ملڪ ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊز جون چونڊون اڄ ٿينديون، 206 وارڊن ۾ 1560 اميدوار ميدان ۾ لهندا، رپورٽ موجب ڪنٽو نمينٽ بورڊز چونڊن ۾ 7 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن،ڪامره ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ چونڊون نه پيون ٿين، خانگي ٽي وي موجب راولپنڊي ۽ پنو عاقل جي هڪ هڪ وارڊ ۾ به چونڊون ملتوي ڪيون ويون، چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد  648آزاد اميدوار  جو آهي، سياسي جماعتن جا 876 اميدوار ميدان ۾ لٿل، سڀ کان وڌيڪ تعداد پي ٽي آءِ جي اميدوارن جو  183 آهي،مسلم ليگ (ن) جا 144، پيپلرپارٽي جا 113، جماعت اسلامي جا 104، تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا 83  ۽ ايم ڪيو ايم جا 42 اميدوار ميدان تي لهندا، جڏهن ته   پاڪ سرزمين پارٽي جا 35، مسلم ليگ (ق) جا 34، ۽ جي يو آءِ ف جا 25 اميدوار ڪنتونمينٽ بورڊز جي چونڊن ۾ حصو وٺندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو