48

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا ختم نه ٿيا، وڌيڪ 36 ڄڻا فوت، 1392 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 36 فوتگيون ٿيون، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 392 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽  36 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 32 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 18 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙو، پشاور 18 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 37 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 25 سيڪڙو،  گجرات ۾ 94 سيڪڙو  ۽  لاهور ۾ 24 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 38 هزار 338 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 57، پنجاب ۾ 16 هزار 747، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 344، اسلام آباد ۾ 3 هزار 907، بلوچستان ۾ 383، گلگت بلتستان ۾ 330، آزاد ڪشمير ۾ 540 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 46 هزار 371 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 206 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 22 هزار 98 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 81 هزار 365 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 10 هزار 243، بلوچستان ۾ 19 هزار 49، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 956، اسلام آباد ۾ 44 هزار 373، خيبرپختونخواهه ۾ 72 هزار 424، پنجاب ۾ 1 لک 72 هزار 54 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 58 هزار 266 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 896 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 350 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 5 هزار 363 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 مريض فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 79 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 501 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. بلوچستان ۾ 200 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 304 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 89 لک 90 هزار 176 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 5 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو