119

ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري، وڌيڪ 39 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 1780 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن، وائرس سبب وڌيڪ 39 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1780 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 887 ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 1780 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وبا وگهي وڌيڪ 39 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو