ايڊيٽوريل
پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد انڪشاف ڪيو آهي ته پنجاب ۾ ڪورونا جو برطانوي قسم پکڙجي رهيو آهي، جيڪو وڌيڪ خطرناڪ آهي، هن جو چوڻ هو ته لاهور ۾ 8 ۽ گجرانوالا ۾ 9 سيڪڙو ڪورونا ڪيس مثبت اچڻ جي شرح آهي، هن چيو ته ماڻهن ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ خاطر خواهه احتياط نه ڪيو آهي ۽ ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، هن چيو ته 24 ڪلاڪن دوران 1400 کان وڌيڪ شهرين ڪورونا ويڪسين لڳرائي آهي ۽ سمورن شهرين کي بهترين معيار جي ويڪسين لڳائي پئي وڃي، ويڪسين هڻائڻ لاءِ ايندڙ شهري انتظامن تي به مطمئن آهن، هوڏانهن سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب هڪ ڀيرو ٻيهر لاڪ ڊائون جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، هڪ نجي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي ڪجهه شهرن ۾ موڪليون ويون آهن، سنڌ ۾ بهار ۾ موڪلون ناهن ٿينديون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ جي 10، 12 شهرن ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي، حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ تي ٿي سگهي ٿو ته اسان به لاڪ ڊائون طرف هليا وڃون، هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته ٻارڙن جي تعليمي نقصان کي پورو ڪيو وڃي ۽ امتحان وقت تي ٿين، ڇو ته جيڪڏهن تعليمي سلسلي کي ٽوڙيو ويو ته پوءِ بهتري ۾ وقت لڳندو.
ملڪ ۾ ڪورونا جي برطانوي قسم جو انڪشاف يقينن ڳڻتي جوڳو ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف آهي، ڇو ته اسان ڪورونا جي پهرئين قسم کي به اڃا منهن نه ڏئي سگهيا آهيون ۽ ڄاڻايل نئين قسم برطانيا جهڙي معاشي طور طاقتور ملڪ کي به اڃا تائين پريشان ڪري رکيو آهي، سوال اهو آهي ته اهو نئون قسم ڪٿان پکڙيو؟ ڏٺو وڃي ته جيئن ئي دنيا ۾ ڪورونا جو مرض پکڙيو هو تيئن ئي پاڪستان ان کي پهريان ئي هلڪو ورتو هو ۽ پنجاب ۾ ان حوالي سان گهربل احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ويون هيون ۽ هاڻ وري نئون قسم به پنجاب ۾ شروع ٿيو آهي، هن وقت ملڪ ۾ روزگار ۽ ڪاروبار هلي رهيو آهي، ٽرانسپورٽ تي به ڪنهن قسم جي ڪا پابندي نه آهي، ان ڪري اها وڌيڪ خطري جي ڳالهه آهي ته اهڙي خطرناڪ مرض جي نئين قسم کي روڪڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺڻا پوندا ۽ ان حوالي سان صوبن وچ ۾ اچ وڃ ۽ صوبائي دنگن تي چيڪنگ واري عمل کي به وڌائڻو پوندو، ڇو ته جيڪڏهن نئون قسم به سڄي ملڪ ۾ پکڙيو ته اهو هڪ نئون مسئلو پيدا ڪندو، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هن وقت مرض ان سطح تي نه آهي، جنهن تي پنجاب ۾ آهي ۽ ان حوالي سان صوبائي حڪومت جا گذريل قدم بهتر هئا پر هاڻ به اسان کي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ ڪورونا کان بچاءَ جون سموريون احتياطي تدبيرون استعمال ڪرڻيون پونديون، ٻي صورت ۾ اسان وري ڪنهن لاڪ ڊائون جي نظر ٿي سگهون ٿا، اسان سنڌ حڪومت جي موقف جي حمايت ڪندي اهو ضرور چونداسين ته عوام کي به پاڻمرادو ايس او پيز اختيار ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ڪا به بي احتياطي ڪئي وئي ته ان جا نتيجا خراب نڪري سگهن ٿا، خاص ڪري اسان کي تعليمي ادارن ۾ احتياطي اپائن کي سخت ڪرڻو پوندو، ان حوالي سان نه صرف سرڪاري پر پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ ماسڪ سميت ٻين گهربل شين تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻو پوندو، ڇو ته تعليمي ادارن اندر معصوم ٻار پڙهن ٿا، گڏوگڏ احتياطي تدبير طور ٻارڙن جو انگ گهٽائڻ لاءِ صبح ۽ شام واري شفٽ به شروع ڪري سگهجي ٿي، ان حوالي سان فيصلن جو اختيار وري به حڪومت وٽ آهي.