اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جي ڇوٿين لهر 66 حياتيون کسي ورتيون، 3012 نوان ڪيس ظاهر، سنڌ ۾ 14 ڄڻا فوت،رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 5.30 سيڪڙو رهي، جڏهن ته فوتين جو تعداد 27 هزار کان وڌي ويو آهي ، ٻئي طرف طبي ماهر موجب ڪورونا سبب هن وقت تائين 18 سالن کان گهٽ عمر وارا 214 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سنن وڌيڪ 14 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7224 ٿي ويو آهي جڏهن ته 20313 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 980 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 14 مريض فوت ٿيا آهن ۽ فوتين جو تعداد 7224 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 20313 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 980 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 4.8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5818191 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن جي نتيجي ۾ 448030 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي انهن مان 91.8 سيڪڙو يعني 411317 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 10794 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 29489 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 28820 گهرن ۾، 33 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 636 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 567 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن ۾ 55 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 980 نون ڪيسن مان 389 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 119، ضلع ڏکڻ 97، سينٽرل 63، ملير 47، ڪورنگي 35 ۽ ضلع اولهه 28 جا آهن. حيدرآباد ۾ 107، شهيد بينظير آباد 40، سانگهڙ 35، خيرپور 33، بدين 32، ڄامشورو 31، ٽنڊو محمد خان 30، ٽنڊوالهيار 29، مٽياري ۽ نوشهروفيروز 27-22، ميرپورخاص 26، ڪشمور ۽ ٿرپارڪر 23-23، قمبر ۽ عمرڪوٽ 18-18، شڪارپور 14، گھوٽڪي ۽ سکر 13-13، جيڪب آباد 11، لاڙڪاڻو 10، دادو 5 ٺٽو 1 ڪيس آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.
