32

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 55 ڄڻا فوت، 2123 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 55 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 2123 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۽ ان کانپوءِ سنڌ ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 55 فوتگيون ٿيون جنهن مان 36 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون،  سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 123 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 55 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 50 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 56 سيڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 55 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 51 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 38 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 39 هزار 450 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 566، پنجاب ۾ 14 هزار 5، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 917، اسلام آباد ۾ 5 هزار 710، بلوچستان ۾ 514، گلگت بلتستان ۾ 370، آزاد ڪشمير ۾ 368 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 64 هزار 950 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 322 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 102 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 8 هزار 824 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 521، بلوچستان ۾ 18 هزار 467، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 882، اسلام آباد ۾ 39 هزار 462، خيبرپختونخواهه ۾ 62 هزار 18، پنجاب ۾ 1 لک 46 هزار 525 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 28 هزار 949 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 10 هزار 772 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 730 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 20 مريض اسپتالن ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 323 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 748 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 447 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسپتالن ۾ ان وائرس سبب 4 مريض فوت ٿيا. بلوچستان ۾ 188 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 101 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 235 فوتگيون ٿي چڪيون آهن هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 72 لک 2 هزار 76 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 629 اسپتالن ۾ 2 هزار 850 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو