108

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 82 ڄڻا فوت، 3480 نوان ڪيس ظاهر

 اسلام آباد ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 82 ڄڻا فوت، سنڌ ۾ 17 مريضن دم ڏنو، 925 نوان ڪيس رپورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي ڇوٿين لهر ۾ 82 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3480 نوان ڪيس ظاهر ٿيا،پاڪستان ۾  ڏيڍ مهيني کانپوءِ مثبت ڪيسن جي شرع 6 سيڪڙو کان گهٽجي 5.50 سيڪڙو تائين پهتي آهي، هوڏنهن حڪومت  ڪورونا ويڪسين جي لاءِ عمر جي حد 15 سال مقرر ڪري ڇڏي آهي،اين سي او سي موجب 13 سيپٽمبر کان 15 سال تائين جي عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين  لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو  ويندو، ٻئي طرف گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 17 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7133 ٿي ويو آهي جڌهن ته 19775 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 925 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 17 مريض فوت ٿيا آهن ۽ فوتين جو انگ 7133 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي.  مراد علي شاهه چيو ته 16775 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 925 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 5.5 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5736248 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 443963 ڪيسن جي سڃاڻپ ٿي آهي انهن مان 87.3 سيڪڙو يعني 387625 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 627 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 49205 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 48425 گهرن ۾، 40 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 740 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 657 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 53 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 925 نون ڪيسن مان 314 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 131، ڏکڻ 76، ملير 42، سينٽرل 36، اولهه 15 ۽ ڪورنگي 14 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 131، شهيد بينظير آباد 47، سانگهڙ 40، ٿرپارڪر 39، بدين 37، ٺٽو 34، سجاول 30، ٽنڊوالهيار 28، مٽياري 26، دادو 24، شڪارپور 16، نوشهروفيروز ۽ سکر 14-14، گهوٽڪي ۽ ميرپورخاص 13-13، خيرپور ۽ عمرڪوٽ 12-12، لاڙڪاڻو 11، ڄامشورو ۽ ٽنڊو محمد خان 8-8، جيڪب آباد ۽ ڪشمور 6-6 ڪيس آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو