اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 20 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 3669 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جون 43 هزار 498 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 3669 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 20 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 8.43 آهي.
