اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ۾ 68 ڄڻا فوت، 2928 ڪيس پازيٽو، سنڌ ۾ 19ڄڻن دم ڏنو،665 نوان ڪيس ظاهر، رپورٽ موجب ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران مثبت ڪيس جي شرح 5.08 سيڪڙو رڪارڊ، 4960 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 19 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7243 ٿي ويو آهي جڏهن ته 17670 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 665 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 19 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ فوتين جي تعداد 7243 تائين پهچي وئي آهي جيڪا 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 17670 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 665 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 3.8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5835861 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن جي نتيجي ۾ 448695 ڪيس ظاهر ٿيا انهن مان 92 سيڪڙو يعني 412544 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 1227 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 28908 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 28250 گهرن ۾، 35 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 623 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 559 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 54 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 665 نون ڪيسن مان 195 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 60، ڏکڻ 55، ڪورنگي 34، سينٽرل 29، اولهه 10 ۽ ملير 7 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 117، سانگهڙ 32، ٿرپارڪر 29، مٽياري ۽ شهيد بينظير آباد 27-27، نوشهروفيروز ۽ سجاول 19-19، ٺٽو، عمرڪوٽ، بدين ۽ دادو 17-17، گهوٽڪي، ڄامشورو ۽ ٽنڊو محمد خان 16-16، ميرپورخاص 13 ، ڪشمور، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ سکر 12-12، جيڪب آباد 7، ٽنڊوالهيار 2 ۽ خيرپور هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.
