اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته ليگي قيادت کي چئلينج آهي ته براڊ شيٽ ڪيس ۾ منهنجي خلاف انهن وٽ ثبوت آهن ته لنڊن ۾ پوليس کي جاچ لاءِ درخواست ڏين. گهرو ۽ احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته مريم اورنگزيب ۽ سندس وڏن کي چئلينج آهي ته اهي 72 ڪلاڪن دوران براڊ شيٽ ڪيس ۾ مون مٿان مڙهيل الزامن جا ثبوت وٽن آهن ته اهي لنڊن ۾ پوليس کي جاچ لاءِ درخواست ڏين، براڊ شيٽ ڪيس ۾ ڪٿي لاپرواهي ٿي؟ ان جي جاچ لاءِ ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اين آر او يا ڊيل سان هميشه ٻن پارٽين ن ليگ ۽ پ پ پ کي فائدو پهتو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي سندس وڌيڪ چوڻ هو ته براڊ شيٽ ڪيس ۾ سياسي اشرافيه وائکي ٿي وئي آهي، وزيراعظم ڄاڻڻ چاهي ٿو ته ڪنهن ڪڏهن ڪڏهن اين آر او ورتو ۽ ڪهڙو ڪهڙو ڪيس بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ن ليگ جو الميو آهي ته هو فيصلو پڙهڻ کانسواءِ مٺايون کائي کائي شوگر ڪرائي ويهن ٿا.
