30

مهانگائي، غربت ۽ وڌندڙ چائلڊ ليبر

ليکڪ: اسلم پرويز مگسي 

ڪنهن به قوم جي دولت پنهنجي اقتصادي ۽ قدرتي ذريعن ۾ ايتري گهڻي ناهي هوندي پر اها پنهنجن ٻارن ۽ نوجوانن جي علمي معيار ۾ وڌيڪ فيصلائتي ثابت ٿيندي آهي. اڄ جا ٻارَ مستقبل ۾ قوم جا خالق ۽ نقش بردار ۽ ايندڙ وقت جا عظيم معمار آهن. پر اسان جي معاشري ۾ انهن مستقبل جي اڳواڻن ۽ معمارن جو استعمال ڪجهه ٻين سرگرمين ۾ وڌيڪ ڪيو وڃي ٿو. اسين هتي ڳالهھ ڪيون ٿا چائلڊ ليبر جي، جيڪو اڄڪلهه تقريبًا هر شعبي ۾ عام معمول بڻيل آهي. چائلڊ ليبر مان مراد آهي ته ڪو به اهڙو ڪم يا سرگرمي جيڪا ٻار کي ننڍپڻ ۾ پنهنجي بنيادي حقن کان محروم بڻائي کائنس ملازمت جو ڪم ڪرائي. آسان لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته چائلڊ ليبر جو مطلب ٻارن کي مزدوري جي ذريعي استعمال ڪرڻ آهي. حقيقت ۾، هيءَ اها سرگرمي آهي جيڪا سندن جسماني ۽ ذهني صحت جي لاءِ تمام هاڃيڪار آهي ۽ هيءَ انهن جي نشونما ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿي. جنهن سبب، ٻارَ ان عمل سان پنهنجن بنيادي حقن کان به محروم ٿي وڃن ٿا. جهڙوڪ انهن ۾ باقاعدگيءَ سان اسڪول نه وڃڻ، ننڍپڻ ۾ والدين طرفان کين ڌيان نه ملڻ، ذهني سڪون حاصل نه ڪرڻ، پنهنجي ننڍپڻ مان لطف اندوز نه ٿيڻ ۽ باوقار طريقي سان زندگي گذارڻ جا موقعا شامل آهن. ننڍي عمر ۾ ملازمت يا مزدوري ڪرڻ سندن تعليمي حق ۾ تمام گهڻي مداخلت ڪري ٿو، جنهن ڪري سندن تعليم ۾ واڌ نه ٿي ٿئي، ننڍي عمر ۾ ٻارن کي ملازمت ۾ مصروف ڪرڻ جا هونئن ته ڪيترائي سبب آهن، پر انهن مان غربت واحد ۽ تمام اهم عنصر آهي، جنهن سبب ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۽ راند جي بدران ننڍي عمر ۾ ڪارخانن، دڪانن يا تعميراتي سائيٽن تي سخت محنت ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. ڇو ته انهن جي خاندانن وٽ اعليٰ تعليم ڏيڻ جا وسيلا ناهن، تنهڪري والدين پڙهائڻ بدران کين ملازمت ۽ مزدوري ڪرڻ تي راضي ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن به ملازمت جو ذريعو بڻائن ٿا. انهيءَ جو مک سبب اهو آهي ته اسان وٽ معياري تعليم مهانگي آهي، جنهن سبب والدين ٻارن کي مزدوري تي موڪلين ٿا، 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي هر قسم جي ملازمت ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي خطرناڪ ملازمتن ۽ مزدورين ۾ مشغول بڻائڻ بلڪل غيرقانوني عمل آهي ۽ ان بابت سموري دنيا ۾ ڪافي قانون لاڳو ٿيل آهن ۽ اهو عمل معاهدن تحت ممنوع پڻ بڻيل آهي. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن 2017 جي هڪ رپورٽ مطابق، 5 ۽ 17 سالن جي عمر جا لڳ ڀڳ 152 ملين ٻار آهن جيڪي مختلف ملازمتن ۽ مزدوريءَ جي تابع آهن. تنهن کان پوءِ ، 5 کان 17 سالن جي عمر جي ٻارن ۾ اسان کي 10 مان 1 ٻار اهڙو ملي ٿو جيڪو ڪنهن جاءِ تي ملازمت يا مزدوري ۾ مشغول آهي. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻي رپورٽ موجب 18 سالن کان گهٽ عمر وارا تقريبن 5 ملين ٻار جبري مشقت جو شڪار بڻيل آهن. ان کانسواءِ اسان جي ملڪ ۾ ٻارڙن هٿان مختلف هنڌن تي آمدني ڪمائڻ جو تناسب هر روز تمام گهڻو ٿيندو پيو وڃي. اسان جي ملڪ اندر اهڙا تقريبن 80 لک ٻارڙا آهن جيڪي مختلف جاين تي پورهيو ۽ مزدوري ڪن ٿا. هيومن رائيٽس آف پاڪستان 1990ع ۾ هڪ رپورٽ جاري ڪري ٻڌايو هو ته 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ملڪ جي مختلف هنڌن تي لڳ ڀڳ 12 لک ٻارڙا مختلف هنڌن تي ملازمت ڪن ٿا ۽ انهن مان اڌ تعداد اهڙن ٻارن جو ھو، جن جي عمر 10 سالن کان گهٽ هئي. ان کان پوءِ 1994ع ۾ ٻارن جي عمر 8 سالن کان گهٽ ۽ 1996ع ۾، سندن عمر 7 سال ٻڌائي وئي هئي ۽ اهو پڻ ٻڌايو هو ته ملڪ اندر ٻارن جو چوٿون حصو زبردستي ملازمت ڪرڻ تي مجبور آهي، در اصل اسان جي ملڪ ۾ غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي ٽي وڏا ۽ اهم مسئلا آهن جيڪي چائلڊ ليبر جو مکيه ڪارڻ آهن. اسان جي ملڪ ۾ اهو مسئلو خاص ڪري غريب ماڻهن لاءِ برداشت جوڳو عمل نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي ملڪ ۾ غربت جو تناسب تمام گهڻو وڌندڙ آهي. انگ اکرن جي موجب 2015 ۾ اسان وٽ غربت جو تناسب 24 سيڪڙو ۽ 2018 ۾  31 سيڪڙو کان وڌي 2020 ۾ 40 سيڪڙو تائين وڃي پهتو هو. ان کان سواءِ ملڪ ۾ هر روز وڌندڙ مهانگائي پڻ غريب عوام جي چيلهھ چٻي ڪري ڇڏي آهي. موجوده حڪومت هر روز غريب عوام مٿان مهانگائي جا نوان ۽ ناقابلِ برداشت ائٽم بم ڪيرائي رهي آهي، هر روز حڪومت جي نون اعلانن سبب شين جا اگهه وڌي رهيا آهن جيڪي هاڻ آسمان سان ڳالهيون ڪن ٿا، جن سان خاص ڪري مزدور طبقو ۽ غريب عوام تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. حڪومت جي اھڙن اعلانن سبب غريب عوام جو نه صرف چين ۽ سڪون ختم ٿي رهيو آهي، پر سندن جيئڻ پڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي، جنهن سبب ٻارن جو ملازمت ۽ مزدوريءَ طرف رجحان وڌندو پيو وڃي، جيڪو ٻارڙن جي ملازمت جو ڪارڻ آهي. غربت ۽ مهانگائي جي صورتحال جي ڪري ٻارَ خاندانن جي آمدني ۾ حصيداري ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا ۽ غربت جي ڪري شهري آبادي جي سماجي مسئلن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، ٻار امير مردن جي گهرن ۾ ملازم ۽ خادم طور ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا، ڪيترائي ٻار ھوٽلن، موٽر گيراجن ۽ ورڪشاپن ۾ ملازمت ڪندي نظر اچن ٿا. ان کانسواءِ ڪيترائي ٻار ڪارون ۽ گاڏيون ڌوئڻ ۽ صاف ڪرڻ، جوتا پالش ڪرڻ جو ڪم ڪري آمدني ڪمائڻ تي مجبور آهن.اهڙين ڏکين حالتن ۾ ڪيترن ئي ٻارن سان دڪانن ۾ ملازمت ۽ مزدوري دوران دڪانن جا مالڪ خراب سلوڪ پڻ ڪن ٿا. غير مهارت رکندڙ مزدورن جو مطالبو ٻارن جي ملازمت جو سبب آهي. ٻار اڪثر ڪري گهٽ پڙهيل لکيل يا اڻ پڙهيل هوندا آهن جيڪي ڪاروباري يا دڪانداريءَ ۾ مزدوري جو سستو ذريعو بڻجن ٿا، ٻارَ ڪيترن ئي ڪاروباري ماڻهن لاءِ پيسو بچائڻ جو هڪ پرڪشش آپشن بڻجن ٿا. سستي هجڻ جي ڪري ٻارَ اهڙن ڪاروباري ماڻهن لاءِ منافعي جي مارجن کي وڌائڻ جو واحد مقصد سمجهيو وڃي ٿو، ٻارن کي سماج ۾ پروفيشنل يا عظيم ڪاروباري ٿيڻ جي خواهش نه هوندي آهي، حقيقت ۾ اها سندن هڪ ذهنيت آهي جيڪا سندن ملازمت ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي. چائلڊ ليبر تي ضابطو ممڪن ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن ان تي گڏجي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏنو وڃي. اسان جي ملڪ ۾ وڏي پيماني تي معاشرتي ۽ معاشي اصلاحن تي عمل سان ٻارن جي مزدوري جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ، حڪومت کي گهرجي ته اها وڌندڙ غربت ضابطو آڻي. تنهن کان پوءِ، حڪومت مهانگائي کي تمام لازمي طور ڪنٽرول ڪري ۽ غريب عوام کي رليف ڏيڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪي مضبوط قدم کڻي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو