اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مهانگائي گهٽائڻ لاءِ اسان جي ڪوششن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته معاشي سطح تي هڪ ٻي سٺي خبر، مهانگائي گهٽائڻ لاءِ اسان جي ڪوششن جا نتيجا اچڻ شروع ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته ڪنزيومر پرائس انڊيڪس ۽ مهانگائي اسان جي اقتدار ۾ اچڻ واري وقت کان گهٽ ٿي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ معاشي ٽيم کي الرٽ رهڻ ۽ مهانگائي تي ضابطي جي پڻ هدايت ڪئي.
