65

مورو جي مختلف علائقن ۾ بيٺل ڪيلي جو فصل ٿڌ سبب سڙي ويو، آبادگار پريشان، واهر جي اپيل

نوان جتوئي (ن سوڀ) تعلقي مورو جي يونين ڪائونسل نوان جتوئي، درس، ڪينچي جاگير،  مناهي ۽ ٻين يونين ڪائونسلن ۾ ڪاهيل هزارين ايڪڙن تي ڪيلي جي فصل کي گذريل هفتي کان ٿيل سردي جي لهر سبب  ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. سردي سبب ڪيلي جا پن مڪمل سڙي رک ٿي ويا آهن ۽ ڪيلي جي ڏونگر کي پڻ تمام ڌڪ رسيو آهي،  جنهن سبب سوين آبادگارن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪيلي جي مشهور زميندار اسد الله بهڻ،  واپاري مشتاق ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سردي جي هن سخت لهر سبب اسان جو هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ به ضلعي نوشهروفيروز جي زراعت کاتي وارن اسان جي سار نه لڌي آهي، فصل تباهه ٿيڻ سبب اسان معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهيون. هنن حڪومت سنڌ ۽ لاڳاپيل اداري جي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته مالي مدد ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو