102

مورو سب جيل ۾ قيدين جا ٺـٺ: منشيات ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جيل اندر ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ کانپوءِ وائرل ڪري ڇڏي

نوان جتوئي(رپورٽ: گلاب بهڻ) مورو سب جيل ۾ قيدين جا ٺـــــٺ سامهون اچي ويا آهن، جيل اندر قيدين کي موبائيل فون سميت ٻيون سهولتون  هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف منشيات ڪيس ۾ گرفتار غلام عباس جي وائرل ٿيل ٽڪ ٽوڪ وڊيو ذريعي ٿيو آهي. مورو سب جيل ۾ قيد منشيات ڪيس ۾ گرفتار جوابدار غلام عباس جيل اندر ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ بعد وائرل ڪري ڇڏي آهي، ڄاڻايل ٽڪ ٽاڪ وڊيو ۾ قيدي ڪمري جي حالت، لاڪ اپ ۽ پاڻ کي ڏيکاري رهيو آهي، وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ به جيل انتظاميا نوٽيس نه ورتو آهي، جڏهن ته اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ شهرين ۾ تاءُ پکڙيل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو