41

مورو ٿاڻي ۾ 2 سوئر ڪاھي پيا، پوليس اھلڪارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي

مورو (رپورٽ: جماڻي بخشل احمد) مورو ٿاڻي ۾ 2 سوئر اوچتو ڪاھجي پيا، پوليس اھلڪارن ۾ ڀاڄ، جان بچائڻ لاءِ ٿاڻي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا، سوئر ٿاڻي اندر ڪل ۾ لڪي ويا، اھڙي اطلاع تي سوين شھري ٿاڻي جي ٻاھران گڏ ٿي ويا ۽ سوئرن کي ڏسڻ لڳا، بعد ۾ مورو ٿاڻي جي پوليس باگڙين کي اطلاع ڏنو، جيڪي پنھنجي ڪتن سميت مورو ٿاڻي ۾ پھچي ويا ۽ ھڪ سوئر کي ڪتن قابو ڪري ورتو، جنھن کي باگڙي ٻڌي چنگچي رڪشا ۾ کڻي ويا، جڏھن ته ھڪ سوئر اڃا ٿاڻي جي ڪل ۾ لڪل آھي، جنھن جي ڳولا جاري آھي، جڏھن ته سوئر جي ڪري ٿاڻي ۾ رھندڙ پوليس اھلڪار ۽ سندن ٻارڙا خوف ۾ ورتل آھن ۽ پنھنجي گھرن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آھن، جڏھن ته پڪڙيل سوئر باگڙين شھر کان ٻاھر کڻي ڪتا ڇڏي مارائي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو