212

موسمياتي تبديلين وارو بحران ۽ اسان جا رويا….!!!

ليکڪ: الطاف ابڙو

موسمياتي تبديلين واري بحران ۽ انهن جي سببن، ان سان لاڳاپيل مسئلن ۽ مونجھارن توڙي خدشن ۽ خطرن ۾ روزانو ٿيندڙ واڌ جي باوجود ڪيترا ئي انسان يا انساني ذهن انهن کي پوري طرح سان سمجھڻ کان قاصر آهن. نه صرف اهو پر ڪيترائي ماڻھو موسمياتي مسئلي بابت ڪنهن به تحرڪ ۽ تبديلي جي پڻ  خلاف آهن، اهڙي صورتحال ۾ موسمياتي تبديلي تي ضابطي لاءِ ڪم ڪندڙ فردن ۽ ادارن لاءِ ضروري آهي ته اهي ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪي به قدم کڻن اهي نهايت هوشياريءَ سان کڻن ته جيئن اهو عمل عوام ۾ خوف يا ڪاوڙ پيدا ڪرڻ جو سبب نه بڻجي. سائنسدانن جي هڪ وڏي اڪثريت ورهين کان ان ڳالهه تي متفق آهي ته جيڪڏهن گرين هائوس گيسن جو نيڪال هلندڙ شرح سان جاري رهيو ته ايندڙ 80 سالن ۾ زمين صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ به 4 سينٽي گريڊ وڌيڪ تتل هوندي ۽ جيڪڏهن اهو رجحان انهيءَ تيزي سان جاري رهيو ته زمين جو گرمي پد ايندڙ 100 سالن ۾ 7 کان 8 سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندو، هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر عام انسان اهڙي سخت خطري کي مناسب ريت سمجھي ۽ ان تي ضابطي ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوششون ۽ قدم ڇو نٿا کڻن؟ نفسياتي ماهرن جي ان سلسلي ۾ راءِ آهي ته انسان عام طور ته خطرن خلاف فوري ردعمل جو اظهار ڪندو آهي مثال طور جيڪڏهن ڪٿي باھه لڳي يا ٻوڏ جو خطرو هجي، يا هو ڪنهن خطرناڪ جانور کي ڏسي ٿو ته اهو پنهنجي جان ۽ مال ۽ آل اولاد کي بچائڻ جون هنگامي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيندو آهي، پر موسمياتي تبديلي جي سلسلي ۾ فردن ۽ ادارن ته ڇا پر حڪومتن جو به رويو هڪ لحاظ کان لاپرواهيءَ وارو آهي.  ان مسئلي کي نفسياتي ماهرن ان ريت سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته،”انسان ٻوڙن ۾ ٿيندڙ کڙڪي تي ته هڪ دم ڇرڪي پوي ٿو پر خطرناڪ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جي کيس نه ته پرک ۽ پروڙ آهي ۽ نه پرواهه آهي.“ نفسياتي تشريح يا تجزين مطابق،”اهو ئي سبب آهي ته انسان گرمي پد ۾ واڌ واري سست ۽ پر مستقل عمل جي حوالي سان ڪنهن به فوري ۽ مناسب ردعمل جو اظهار ڪرڻ کان قاصر نظر اچي رهيو آهي. پوءِ ڀل ته هو وقت بوقت ان جا نتيجا به ڏسي ٿو. پر تڏهن به هو يا ته انهن کي محسوس  نٿو ڪري سگھي يا نظرانداز ڪري ٿو ڇڏي.“ ماحولياتي تبديلين بابت بين الحڪومتي ڪاميٽي جي گرمي پد بابت رپورٽن ۾ معاملي کي واضح طور سمجھايو ويو آهي پر سياستدانن سميت ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ان مسئلي جا تفصيل سمجھڻ کان وڏي حد تائين قاصر آهن. يقينن اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪي سياستدان نه ان مسئلي کي سمجھن ٿا ۽ نه ان کي ڪا جوڳي اهميت ئي ڏين ٿا. موسمياتي ۽ نفسياتي ماهرن مطابق”انسانن لاءِ اهو سمجھڻ مشڪل آهي ته هڪ ٽن گرين هائوس گيسن جي خارج ٿيڻ جي معنيٰ ڇا آهي. ائين نه آهي ته اهو ان مقدار جو اندازو نٿو لڳائي سگھي. پر اصل ۾ هو ان سبب ٿيندڙ نقصانن کي محسوس نه ٿو ڪري. نفسياتي ماهرن مطابق انساني نفسيات لاءِ انهن انگن اکرن يا صورتحال کي صحيح طور سمجھڻ ڏکيو آهي“ موسمياتي تبديلي جي سمجھڻ ۾ هڪ وڏي رنڊڪ انسانن جو ڄاتل سڃاتل ردعمل يا طريقو يعني خاموشي ۽ پوئتي هٽڻ به آهي، هي اسان جي زندگي جو عام نظارو ۽ رويو آهي ته”ڪيترا ئي ماڻھو چون ٿا ته اها ڏاڍي خوفناڪ شيءِ آهي، اسان ان کي سمجھڻ ئي نٿا چاهيون“نفسياتي تجزين مطابق هي اهو ئي رويو ۽ ردعمل آهي جيڪو عام طور انسان تماڪ ڇڪڻ جي سلسلي ۾ اختيار ڪندو آهي ته ان جي نقصان کان واقف هوندي به ان کي نظرانداز ڪرڻ ۽ لنوائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو آهي. مثال طور تماڪ نه ڇڪڻ وارو ته سگريٽ جي پاڪيٽ تي ٺهيل تصوير کي ڏسي عبرت حاصل ڪري ٿو پر سگريٽن جو شوقين نه. سو ڪيترا ئي ماڻھو موسمياتي معاملي کي سمجھڻ يا ان ۾ شموليت کان لنوائين ٿا، مسئلي کي نظراندازڪن ٿا ۽ پنهنجي ذميواري کان نٽايو ٿا وڃن. ۽ ڏاڍي آساني سان ان معاملي کي ٻين تي وجھيو پنهنجي جند آجي ڪرايو ٿا ڇڏين، جرمنيءَ جو هڪ ماهر نفسيات ڪرسٽوف نيڪنڊي ان ردعمل کي اجتماعي طرز عمل جي نموني طور ڏسي ٿو. سندس خيال ۾ ماڻھو موسمياتي بحران کي به موت، بيماري ۽ عمر جي پوري ٿيڻ وغيره جهڙين ڳالھين جيان ئي نظرانداز ڪرڻ وارو لاڙو رکن ٿا.تڏهن به اها نفسياتي ماهرن جي ذميواري آهي ته اهي ان ردعمل ۽ ان سان واسطيدار جذبن کي سمجھن ۽ انهن بابت ماڻهن ۾ شعور عام ڪن ته جيئن هو ماحولياتي تبديلي واري بحران کي سمجھن ۽ ان کي ٻين جو نه پر پنهنجو مسئلو سمجھن.۽ اهڙو طريقو اختيار ڪن جيڪو عام ڀلائي وارو آهي ۽ اهو رستو اهو آهي ته انسان حياتياتي ٻارڻ کان نجات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ علائقائي ۽ عالمي جھيڙن ۽ تڪرارن جي جاءِ تي پاڻ ۾ واسطا ۽ لاڳاپا وڌائي ڪم ڪري. ماحولياتي تبديلين سان نبرڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ فرد ۽ ادارا ۽ خاص ڪري نفسياتي ماهر ماڻھن کي انتهاپسنديءَ کي رد ڪرڻ جي سلسلي ۾ مدد ڪري سگھن ٿا ۽ اهي کين فطرت سان جھيڙڻ بدران انهيءَ سان ٺهي هلڻ ۽ ان جي حفاظت ۽ بحالي لاءِ ڪوششون ڪرڻ ۽ انهن جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ۽ رابطا ڪرڻ وارا رجحان پيدا ڪري سگھن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو