لاڙڪاڻو (سوڀ رپورٽر) پنهنجي نياڻي جي جان جوکي ۾ وجهندڙ ۽ پوليس کاتي ۾ نئين تاريخ رقم ڪندڙ فرض شناس ۽ انسانيت جي ديوتا پوليس جي اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو ٻڌايو ته مون کي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي، ٿاڻي تي جيئن ئي ويٺو هيم ۽ اڌيءَ تبسم مغل پهچي پنهنجي معصوم نياڻي جي ظالمن جي هٿ قيد ۽ پنهنجي دردن جو داستان ٻڌايو ۽ بي سهارا هجڻ ڪري مون کيس نياڻي ڪري پنهنجي گهر ترسايو، نينگري جي ڳولها لاءِ ڪيترا حربا هلايا پر ڪم نه آيا، آخر ڪار هنن واري مطالبي ته پنهنجي اڪيلي نياڻي جي جان جوکي ۾ وجهي انسانيت جي ناتي ۽ پوليس کاتي جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ سموريون تڪليفون ۽ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندي آخر ڪار پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب وياسين. جوابدار هٿ ڪرڻ سان گڏ نياڻي کي به هٿ ڪيوسين. هن چيو آئون پنهنجي گهر واري ۽ نياڻي جو به ٿورائتو آهيان جن هن ڪيس ۾ منهنجي مدد ڪري ڪامياب ڪيو.
